اسلام آب??د ?? 10 مئي (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر (اين س?? او سي) کي ٻڌايو ويو آهي ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت ملڪ ۾ ڪورون?? وائرس جي خاتمي لاءِ اسپري جي طريقيڪار ۽ ض??ورت جي حوالي سان جلد ??ڪ ٺوس حڪمت عملي جوڙيندي، صحت وارين وفاقي ۽ صوبائي وزارتن 5 نقطن تي اتفاق ڪيو آهي جن ۾ ڪوويڊ 19 جي شڪي مريضن جي لاڏاڻي جي هڪ نظام تحت تحقيق، وائرس جي ڪنهن علائقي ۾ عدم موجودگي بابت سروي، قرنطينه جي حڪمت عملي، وائرس کان بچاءُ لاءِ اسپري ۽ اسپتالن ۾ ڪورونا جي مريضن جي لاءِ دستياب بسترن ۽ وينٽي ليٽرز بابت تازي معلومات جي فراهمي جو طريقيڪار شامل آهي. اين س?? او سي جو اجلاس منصوبابندي، ترقي، ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ هتي نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن س??نٽر ۾ ٿيو.