راولپنڊي – 22 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي اربن سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم خصوصي اوزارن ??ان گڏ ريسڪيو ۽ امدادي سرگرميون تيز ڪرڻ جي لاءِ س?? 130 ذريعي راولپنڊي کان ڪراچي پهچي وئي. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار جي ٽوئيٽ موجب پاڪ فوج جا 10 هيوي فائر ٽينڊرز ريسڪيو آپريشن ۾ حص?? وٺي رهيا آهن جڏهن ته ملٽري ايمبولينس زخمين کي اسپتالن ۾ منتقلي ۾ مصروف آهن.