اسلام آباد – پهرين جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪراچي ۾ پاڻي ۽ بنيادي ڍانچي جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪرڻ تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ خاص طور تي ڪراچي جي عوام کي درپيش مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي، صوبي جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن منصوبابندي واري و??اق?? وزير اسد عمر ۽ سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڪراچي پئڪيج جي حوالي سان اهم فيصلا ڪ??ا ويا ۽ سنڌ خاص طور تي ڪراچي ۾ تعمير ۽ ترقي جي و??اق?? منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو.