صواب?? – 09 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر صوابي ۾ وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪيو. گج?? خان ۾ پنس (پائن) جو هڪ ٻوٽو لڳائڻ کانپوءِ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ ٽائيگر فورس جي مدد سان پوري ملڪ ۾ جاري وڻڪاري مهم جي ڪاميابي جي لاءِ دعا ڪئي وئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب ان موقعي تي گج?? خان ۾ تقريب کي خطاب ڪندي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته هر ش??ص کي هڪ وڻ لڳائڻ گهرجي جيڪو نه رڳو رسول ڪريم صه جي سنت آهي پر ماحوليات جي لاءِ هڪ مثبت قدم آهي. هن چيو ته اسان کي گڏيل طور تي پا??ستان کي صاف سٿرو ۽ سبز پا??ستان بڻائڻ جي خواب کي پورو ڪرڻو آهي. اسپيڪر پوري پا??ستاني قوم کي اپيل ڪئي ته اها ان مهم کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي ۽ ان مهم ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.