اسلام آباد – 23 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يا?? واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ??ي قيادت ۾ موجوده حڪومت عورتن جي برابر حقن کي يقيني بڻائڻ جي ايجنڊا تي گامزن آهي، اسلامي تاريخ، آزادي جي تحريڪ ۾ عورتن جو مثالي ڪردار رهيو، جرنلسٽ پروٽيڪشن بل ۾ عورت صحافين جي حقن کي يقيني بڻايو پيو وڃي، عورتن جي حقن جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جي لاءِ مذهبي، ثقافتي قدرن ۾ رهندي ذهن سازي ڪرڻ وقت جي اهم ترين ضرورت آهي، سائبر ڪرائم، هراسان ڪرڻ ۽ ٻين وڌندڙ منظم ڏوهن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ قانونسازي سميت ٻيا قدم کنيا پيا وڃن، ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻو آهي ته عورتن کي مع??شرتي تحفظ حاصل هجي. هو ايوان ??در ۾ عورتن جي حقن بابت تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو.