اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ??يو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پوري قوم مچ سا??حي جي دل ڌوڏيندڙ واقعي تي ڏکويل آهي، وزيراعظم عمران خان سا??حي جي پونئيرن سا?? ڏک جو اظهار ڪندي هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان آگاهه ڪيو، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان ۾ بي يقيني، مايوسي ۽ خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت لاڳاپيل قومي سلامتي جي ادارن سا?? گڏجي شرپسند عنصرن جو پيڇو ڪندي ته جيئن مستقب?? ۾ ??هڙا واقعا نه ٿي سگهن. نجي ٽي وي چينل سا?? ڳالهائيندي هن ??يو ته وزيراعظم عمران خان جو ڪوئيٽا جو دورو اهم هو، هن مچ سا??حي جي متاثرين سا?? همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، وزيراعظم عمران خان هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان به آگاهه ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو ته سانحي ۾ پرڏيهي عنصر ملوث آهن جڏهن ته هن مشڪل وقت ۾ پوري قوم انهن سا?? گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يقين ڏياريو ته حڪومت انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪندي.