اسلام آباد – 08 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته عورتن ۽ خصوصي ماڻهن ??ميت معاشري جي محروم طبقن کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي جا گهربل نتيجا حاصل نٿا ڪري سگهجن، ا??ان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو، مختلف شعبن ۾ ڪامياب عورتن جي محنت ۽ جدوجهد کي ماڊل طور تي پيش ڪرڻ گهرجي، ميڊيا ۽ عالم سڳورا عورتن کي انهن ??ا حق ڏيڻ جي حوالي ??ان شعور اجاگر ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??يوان صدر ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن ??ي مناسبت ??ان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. انساني حقن واري وفاقي وزير شيرين مزاري، بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، دفاعي پيداوار واري وفاقي وزير زبيده جلال، يو اين وومين جي پاڪستان ۾ ڪنٽري هيڊ شرميلا رسول ۽ پاڪستان ۾ يورپي يونين جي سفير ايندر لاڪا مينارا به تقريب کي خطاب ڪيو. تقريب ۾ پارليامينٽ جي ميمبرن، غير ??لڪي سفارتڪارن ۽ زندگي جي مختلف شعبن ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ عورتن به شرڪت ڪئي. صدر چيو ته مجموعي ترقي لاءِ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ضروري آهي، عورتن جي حقن جا قانون پاڪستان قائم ٿيڻ جي وقت کان موجود آهن ??نهن هوندي به انهن ??ي موثر عملدرآمد جي سلسلي ۾ قانون ۾ ترميمون آنديون پيون وڃن. هن چيو ته اسلام عورت جي حقن ۽ معاشري ۾ باعزت مقام جو درس ڏي ٿو جنهن ??ي باري ۾ ماڻهن کي مڪمل آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر چيو ته عورت جي صحت ۽ ٻارن جي واڌويجهه جو گهرو لاڳاپو آهي، ا??ان کي هڪ صحتمند ۽ معياري معاشري جي جوڙجڪ لاءِ عورت کي صحت، سماجي حيثيت ۽ معيشت جي لحاظ کان مضبوط بڻائڻو پوندو. هن چيو ته ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي عورتن جي صحت جي مسئلن جي ڏس ۾ فوري طبي مشوري لاءِ ٽيلي هيلٿ سروس جو انتظام ڪرڻ گهرجي، ان ??ان خاص طور تي انهن ??ورتن کي سهولت ملندي جيڪي مختلف سببن جي ڪري اسپتالن ??ان فوري رجوع نٿيون ڪري سگهن. هن چيو ته عورتون پنهنجي روين جي ذريعي وڌيڪ ذميوار ثابت ٿينديون آهن، ان جو ثبوت اهو آهي ته عورتن پاران قرضن جي واپسي جي شرح سئو سيڪڙو آهي، هن چيو ته حڪومت عورتن جي سهولت لاءِ آ??ان قرض ڏيڻ جي اسڪيم متعارف ڪرائي آهي تنهن هوندي به عورتن جي اڪثريت کي ان بابت مڪمل آگاهي نه هجڻ جي ڪري اهي ان سهولت مان فائدو نٿيون کڻي سگهن، لاڳاپيل ادارن ۽ تنظيمن کي ان ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.