گلگت – 30 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جا بي پناهه موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو ۽ معيشت مستحڪم ٿيندي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن جمعي ڏينهن گلگت بلتستان جي دوري دوران گلگت بلتستان جي وڏي وزير پاران سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ ڏنل بري??نگ جي موقعي تي ڪيو. وزيراعظم عمران خان کي اسپيشل ڪميونيڪيشن آرگنائيزيشن (ايس سي او) جي ڊائريڪٽر جنرل پاران به بري??نگ ڏني وئي. وزيراعظم ايس سي او جي ا??تظ??م هيٺ منصوبن جو ??فتتاح ڪيو جنهن ۾ سي پيڪ خنجراب کان ر??ولپنڊي آپٽڪ فائبر ڪيبل جو پهريون مرحلو، گلگت بلتستان جي 39 جاين تي گهرن تائين آپٽڪ فائبر تار جي پهچ، ايس سي او جي سهڪار سان قراقرم يونيورسٽي ۾ انڪيوبيشن سينٽر جو قيام، مشهور ڪوه پيما مرحوم علي سد پاره جي ياد ۾ K – 2 بيس ڪيمپ تي جديد ٽرانسيور اسٽيشن جو قيام ۽ گلگت بلتستان جي ڏورانهن علائقن ۾ رابطي لاءِ VSAT حب جو قيام شامل آهن. وزيراعظم آپٽڪ فائبر ڪيبل جي ٻي مرحلي ۽ هنزه ۾ سافٽ ويئر ٽيڪنالاجي پارڪ جي قيام جو ??نگ بنياد به رکيو. وزيراعظم کي احساس پروگرام تحت گلگت بلتستان ۾ جاري امدادي منصوبن ۽ مستقبل جي لاءِ منصوبابندي تي خاص مددگار ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر بري??نگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته هن وقت گلگت بلتستان جي 3 ضلعن ۾ احساس نشو نما مرڪز قائم ٿي چڪا آهن، گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ احساس جي پرائمري تعليمي وظيفن سان گڏوگڏ ??ان??ي تعليمي وظيفن جو پروگرام به شروع ڪيو پيو وڃي. وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي واري خاص مددگار ڊاڪٽر ??ان??ه نشتر وزيراعظم کي ٻڌايو ته احساس جي ??ان??ي تعليمي ۽ وظيفن جو ??غاز هلندڙ سال جولاءِ کان ٿيندو، پهرين مرحلي ۾ احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ قدم جو ??غاز ملڪ جي سمورن صوبن جي 13 ضلعن ۾ ڪيو پيو وڃي، احساس هڪ عورت هڪ اڪائونٽ تحت هر ڪفالت صارف کي بچت بئنڪ اڪائونٽ فراهم ڪيو پيو وڃي، وزيراعظم ان موقعي تي سڄي گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ ۽ ان حوالي سان کنيل قدمن جي باري ۾ بريف ڪيو، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ جا ڀرپور موقعا موجود آهن جنهن مان وڏو پرڏيهي ناڻو حاصل ٿيندو مقامي معيشت مستحڪم ٿيندي.