اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن جي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران ٻنهي ملڪن جي قيادت ڳالهه بولهه دوران معاشي تعاون، سيڙپڪاري ۽ واپار ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ڌيان ڏنو ويو، ماضي ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي قيادت جي ٻطرفن دورن ??ان ٻنهي ملڪن جي گڏيل دوستاڻن لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون ۾ اهم ڪردار رهيو آهي. وزيراعظم عمران خ??ن جمعي کان سعودي عرب جو ٽن ڏينهن دورو شروع ڪيو. ان دوري جو مقصد واپار، سيڙپڪاري، توانائي، پاڪستاني پورهيتن جي لاءِ نوڪرين جي موقعن جي فراهمي ۽ سعودي عرب ۾ پاڪستاني ڪميو??ٽي جي ڀلا??ي ??ميت سمورن شعبن ۾ گڏيل تعاون بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻي هئي.