پشاور – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??يو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ وڻڪاري انتهائي اهم آهي ۽ ان حوالي سان ملڪ ۾ جاري سانوڻي ??وران ٻيلن جو دائرو وسيع ڪرڻ لاءِ موثر عوامي آگاهي مهم جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پشاور جي دوري جي موقعي تي خصوصي بريفنگ دوران ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين بابت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، ماحوليات ۽ ٻيلن وارو صوبائي وزير سيد اشتياق ارمڙ ۽ خيبرپختونخوا جو ماحوليات ۽ ٻيلن وارو سيڪريٽري اسلام زيب خان به موجود هئا. وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي سانوڻي ??ي وڻڪاري مهم جي سلسلي ۾ هڪ ٻوٽو به پوکيو. وزيراعظم عمران خان ??يو ته ملڪ ۾ سانوڻي ??وران وڻڪاري لاءِ عوام جي آگاهي جي غرض سان موثر مهم شروع ڪئي وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ علائقن کي ٻيلن جي دائري ۾ آڻي ??گهجي. هن ??يو ته پي ٽي آءِ حڪومت جي فليگ شپ 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن جي وڊيوز اپ لوڊ ڪرڻ لاءِ خصوصي ويب سائيٽ لانچ ڪرڻ گهرجي ته جئين عام ماڻهو حڪومت جي ڄاڻايل ??نص??بي جي افاديت کان باخبر ٿي سگهن. هن ??يو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت پوکيل ٻيلن تي خصوصي دستاويزي فلمون ٽي وي تي ٽيلي ڪاسٽ ڪيون وڃن ۽ سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪيون وڃن ته جيئن عوام کي سانوڻي ??وران وڏي پئماني تي ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ملي. هن ??يو ته اها حقيقت يقيني طور تي عام ماڻهن کي وڻڪاري تي آماده ڪندي ته هڪ زمين جيڪا پنج سال پهرين بنجر هئي اڄ حڪومتي ڪوششن ۽ جدوجهد سان سرسبز ۽ شاداب بڻائي وئي آهي، هن ??يو ته گرين پاڪستان مهم تحت کنيل قدم، ٻيلن جي وڊيو اپ لوڊ ڪرڻ يقيني طور تي عوام کي پنهنجي ذميدارين تي وڌ کان وڌ ٻوٽا پوکڻ جي ترغيب ڏيندو. ٻئي پاسي وزيراعظم عمران خ??ن کي جاري سانوڻي مند دوران وڻڪاري مهم ۽ پاڪستان ۾ اربين وڻ پوکڻ جي ??نص??بي جي ڪاميابين جي باري ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته صحافين لاءِ جلد ئي هيلي ڪاپٽر جي ذريعي فضائي دوري جو اهتمام ڪيو ويندو جنهن دور??ن کين چترال ۽ باجوڙ سميت انهن سمورن ماڳن جو دورو ڪرايو ويندو جتي حڪومتي ??نص??بي تحت وڻڪاري ڪئي وئي آهي، وزيراعظم عمران خ??ن کي ٻڌايو ويو ته 10 بلين ٽري فار اسٽيشن پراجيڪٽ تحت لڳايل ٻيلن ۽ ٻوٽن جي مشهوري لاءِ هڪ ويب سائيٽ به لانچ ڪئي وئي آهي.