اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ??ار?? سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن، ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان ۾ ڪير سک سان نه ويهندو، ??ار?? جي سمورين سازشن جي باوجود پاڪستان مضبوط ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪڍيل ريلي کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي قيادت ۾ پارليامينٽ هائوس کان ڊي چوڪ تائين ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريلي ڪڍي وئي. ريلي ۾ وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد، قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ڊاڪٽر بئريسٽر فروغ نسيم، اطلاعات ?? نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سي ڊي اي معاملن واري خاص معاون علي نواز اعواڻ سميت ٻين وفاقي وزيرن ۽ پارليامينٽ ميمبرن کانسواءِ سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. ريلي جي موقعي تي سائرن وڄايا ويا ۽ هڪ منٽ جي لاءِ خاموشي اختيار ڪئي وئي. ريلي کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اڄ جي ڏينهن 2 سال اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جو استحصال ڪيو ويو. ??ار?? پنهنجي آئين جي آرٽيڪل 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو. پاڪستان ??ار?? جي ان قدم سان اتفاق نه ٿو ڪري. هن چيو ته ??ار?? جي ورڇ جنهن تي اصول تي ٿي هئي ۽ ان جي نتيجي ۾ پاڪستان ۽ ??ار?? وجود ۾ آيا هئا، ??ار?? ڪشمير ۾ ان اصول کي پائمال ڪيو. ان اصول موجب والاريل ڪشمير پاڪستان جو حصو بڻجڻو هو. هن چيو ته ڪشميري عوام تي ڊوگرا راڄ ۾ جيڪي ظلم ڪيا ويا ??ار?? انهن ظلمن جو سلسلو اڄ به جاري رکيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي پيلٽ گنز سان نشانو بڻايو وڃي ٿو. هزارين ڪشميري پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ شهادت ماڻي چڪا آهن. هزارين عورت??ن بيواهه ٿيون آهن. ??ار?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ جو بازار گرم ڪري رکيو آهي. هن چيو ته گڏيل قومن پنهنجي قراردادن ۾ ڪشميرين کي انهن جي خودمختياري جو حق ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. ڪشميرين کي گڏيل قومن جي انهن قرادادن جي ڏس ۾ انهن جي خودمختياري جو حق ملڻ گهرجي. دنيا ان معاملي تي خاموشي اختيار ڪري ورتي پر ڪشميري ان تي خاموش نه ويٺا. هر ڪشميري ٻار پنهنجي پيدائش کانپوءِ ??ار??ي ظلمن جي خلاف پنهنجو آواز بلند ڪري ٿو. هن چيو ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ??ار??ي ظلم دنيا جون اکيون کولڻ جي لاءِ ڪافي آهن. آزاد ڪشمير ۾ صورتحال پرامن آهي. ميڊيا آزاد آهي. سفارتڪارن کي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي حالتن جي جائزي لاءِ اتان جو دورو ڪرايو ويو. بئي ط??ف ??ار?? جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ميڊيا کي وڃڻ نه ٿو ڏنو وڃي. والاريل ڪشمير جي ڪنڊڪڙڇ ۾ پوءِ به آزادي جو جهنڊو بلند ڪيل آهي. ڪشمير جي آزادي تائين پاڪستان جو ڪو به شخص سک سان نه ويهندو. ڪشميرين پنهنجي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊگهي جدوجهد ڪئي آهي. صدر چيو ته وزيراعظم عمران خان عالمي فورمن تي ڪشميرين جو ڪيس وڙهيو. پاڪستان ۽ ڪشميري عوام گڏيل قومن تي اعتماد جو اظهار ڪيو پر ??ار?? گڏيل قومن جي قراردادن کي پٺتي ڪري ڇڏيو. هن چيو ته ??ار?? والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ آبادي جو تناسب تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. 30 کان 40 لک غيرڪشميرين کي ڪشمير جو ڊوميسائيل جاري ڪيو ويو. ??ار?? ان قدم جي ذريعي اتي حالتون تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن چيو ته ??ار?? پنهنجي ملڪ ۾ اقليتن سان انسان سوز سلوڪ ڪري رهيو آهي ۽ اهو ئي سلوڪ ڪشميرين سان به ڪري رهيو آهي. هن ??ار?? کي خبردار ڪندي چيو ته ??ار??ي سازشن جي باوجود پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ بڻجي اڀري رهيو آهي. پاڪستان ڪشميرين کي آزادي ڏياري رهندو. هن چيو ته ??ار?? باهه سان کيڏي رهيو آهي. ??ار?? ۾ غربت تمام وڌيڪ آهي. هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جي موجوده حڪومت امن جي خواهش ڪئي پر پاڪستان ڪشمير ۾ حالتون معمول تي اچڻ تائين ??ار?? سان ڳالهيون نه ڪندو. جيستائين ??ار?? 5 آگسٽ 2019ع تي کنيل قدم واپس نه ٿو وٺي ان وقت تائين ڳالهيون نه ٿينديون. ريلي جي پڄاڻي تي شهيدن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي.