اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير ??ئريسٽر ڊاڪٽر محمد فروغ نسيم جي صدارت ۾ ڪابينا جي ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ (اي سي ايل) بابت ذيلي ڪميٽي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. وفاقي ??هرو وزير ??يخ رشيد احمد کانسواءِ گهرو وزارت ۽ نيب جا اعليٰ عملدار پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ اي سي ايل ۾ شامل ۽ ڪڍيا ويندڙ ماڻهن جي فهرستن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي مختلف کاتن جا نمائندا ۽ انفرادي حيثيت ۾ مختلف ماڻهو پيش ٿيا جن جو مو??ف معلوم ڪرڻ کانپوءِ ميرٽ تي فيصلا ڪيا ويا. ذيلي ڪميٽي جي عملدارن پاران مخالفت جي باوجود مختلف نالن کي اي سي ايل مان ڪڍڻ جي پڻ سفارش ڪئي آهي.