اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خاتمي ۾ مدد ملندي، ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن جا نتيجا وقت سر ملندا، ال??ڪٽرانگ ووٽنگ مشين سان ووٽر جي رازداري متاثر نه ٿيندي. اهڙن خيالن جو ا ظهار هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز جي ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تي بريفنگ دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو عملي مظاهرو پڻ ڏيکاريو ويو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊ عمل ۾ شفافيت ايندي، ووٽنگ مشين سان چونڊن ۾ ڌانڌلي جي خاتمي ۾ مدد ملندي، ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان چونڊن جا نتيجا وقت سر ملندا، ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين مڪمل طور تي مقامي سطح تي تيار ٿي، ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين موثر، قابل اعتماد ۽ ٻيهر است??ما?? ڪري سگهجي ٿي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت ال??ڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تمام گهٽ مدي ۾ تيار ڪئي. صدر عارف علوي سينيٽر شبلي فراز ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت کي ووٽنگ مشين جي تياري تي مبارڪباد ڏني. سينيٽر شبلي فراز ووٽنگ مشين جي تياري ۾ ذاتي دلچسپي ۽ حوصلي افزائي تي صدر جا ٿورا مڃيا.