اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، شهري آبادين ۾ ماحول کي بهتر ڪرڻ لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور ت?? مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحت?? ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت ۾ هائوسنگ بابت قومي رابطا ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن، خاص مددگارن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. چئني صوبن جي ا??ليٰ آفيسرن به وڊيو لنڪ جي ذريعي ا??لاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ شهرن ج?? ماسٽر پ??ان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب ۾ 28 شهر جن جي ڪل آبادي 6 ڪروڙ 47 لک آهي، ج?? ماسٽر پ??ان تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته لاڳاپيل عملدارن پاران ڀرپور ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته ماسٽر پ??ان تيار ڪرڻ جو عمل جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، ماسٽر پ??ان ۾ زمين جي ا??تعمال، معاشي ترقي، ادارن جو بنيادي ڍانچو ۽ فنانشل پلان سياحت ۽ ثقافتي ورثي، ماحولياتي تحفظ، ٽرانسپورٽ، هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچڻ لاءِ جامع منصوبابندي شامل آهي، اجلاس کي مختلف شهرن ج?? ماسٽر پ??ان جي تڪميل جي نه رڳو موجوده صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو پر ماسٽر پ??اننگ ۾ مستقبل ۾ ايندڙ تبديلين کي شامل ڪرڻ جي طريقيڪار کان به آگاهه ڪيو ويو، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ان دوران لينڊ پاليسي کي تبديل ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ زمين جي ا??تعمال جي درجه بندي سان گڏوگڏ اسپيشل ڪمرشلائيزيشن ڪميٽي جو قيام عمل ۾ آندو ويو آهي. خيبرپختونخوا جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ضم ٿيل ضلعن جي 9 شهرن جي سميت صوبي جي 20 وڏن شهرن جو ماسٽر پ??ان مقرر مدي ۾ مڪمل ڪيو ويندو جنهن سان نه رڳو ٻيلن ۽ قدرتي ندي نالن جو تحفظ پر ڊگهين عمارتن جي تعمير به شامل آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پشاور، مردان، چارسده، نوشهره، صوابي ۽ ايبٽ آباد جو پلان تيار آهي جڏهن ته 5 ٻين شهرن جو پلان پڄاڻي جي مرحلي ۾ آهي، اسلام آباد جي حوالي سان اجلاس کي ٻڌايو ويو ته گهڻ ماڙ عمارتن جي سارسنڀال لاءِ اصول جوڙيا پيا وڃن ته جيئن تعمير کانپوءِ ماڻهن کي مشڪلاتن کي منهن نه ڏيڻو پوي، وڌيڪ زون 3 ۾ گرين ايرياز جي تحفظ لاءِ به حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، وزيراعظم ان موقعي تي چيو ته شهري آبادين جي بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرور آهي، شهري آبادين ۾ ماحول جي بهتري لاءِ گرين بيلٽس جي تحفظ ۽ هنگامي حالتن ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي جامع حڪمت عملي جي ضرورت آهي، خاص طور ت?? مارگله جي جبلن ۽ ٻين سياحت?? ماڳن جي حفاظت حڪومت جي اولين ترجيح آهي.