اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چي?? آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا سان اسان جو مستقبل واڳيل آهي، ففٿ جنريشن ۽ هائبرڊ وار هڪ حقيقت آهي، پاڪستان جي هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف افغانستان آهي، ان لحاظ کان اسان جي خطي کي ڪجهه مشڪلاتون درپيش آهن، اسان کي پنهنجي زميني حقيقتن موجب فيصلا ڪرڻا هوندا آهن، فرقيواراڻي فسادن جي پٺيان سڀ کان وڏو هٿ ڀارت ۾ ويٺل پاڪستان مخالف ع??صر?? جو آهي، رياست مخالف بيانيي کي ڀارت مان سپورٽ ملي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي رپورٽ ۾ پاڪستان کي درپيش هائبرڊ وار جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چي?? ته آمريڪا اڄ سپر پاور ان لاءِ آهي جو ان جي پاڙيسريت ۾ امن آهي جڏهن ته پاڪستان جي هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف افغانستان آهي، ان لحاظ کان اسان جي خطي کي ڪجهه مسئلا درپيش آهن، اسان کي پنهنجي زميني حقيقتن موجب فيصلا ڪرڻا هوندا آهن. هن چي?? ته سوويت يونين 1979ع ۾ افغانستان تي قبضو ڪيو، اسامه بن لادن نيويارڪ تي حملو ڪيو، آمريڪا افغانستان مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهي سمورا فيصلا اسان کان پڇي نه ٿيا پر ان جي اثرن جو اسان کي منهن ڏيڻو پيو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چي?? ته اسان کي اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڳولڻ جو چئلينج درپيش آهي، آمريڪا جي اڳوڻي صدر اوباما 2013ع ۾ چي?? هو ته حڪومتن جو سڀ کان وڏو چئلينج فلو آف انفارميشن کي منهن ڏيڻ آهي. هن چي?? ته ڪراچي ۾ جڏهن ٽي ايل پي جي خلاف آپريشن شروع ٿيو ته ٽن ڪلاڪن دوران هزارين ٽوئيٽس ٿيا ته ڪراچي ۾ سول وار شروع ٿي وئي آهي، انهن سمورن ٽوئيٽس ۾ ڀارت جو وڏو هٿ آهي. هن چي?? ته ڀارت مان هڪ فرقي بابت پڻ ڪيترائي ٽوئيٽس آيا، رياست مخالف بيانيي کي ڀارت مان سپورٽ ملي. هن چي?? ته فرقيواراڻي فسادن جي پٺيان سڀ کان وڏو هٿ ڀارت ۾ ويٺل اينٽي پاڪستان ع??صر?? جو آهي. چوڌري فواد حسين چي?? ته جن ملڪن وٽ بيانيو نه هجي، گڏ رهڻ جو جواز نه هجي ۽ دشمن هر وقت تاڪ ۾ رهي ته ان جي لاءِ بيانيي جي جنگ وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چي?? ته جڏهن پهريون ڀيرو اطلاعات ??ار?? وزير بڻيس ته ان وقت مون چي?? هو ته ڊيجيٽل ميڊيا روايتي ميڊيا جي جڳهه وٺندي، ان تي منهنجي مخالفت ٿي. هن ٻڌايو ته مون 2018ع ۾ ناڻي ??ار?? وزارت کي خط لکيو هو جنهن ۾ چي?? ته ايڊورٽائيزنگ جهڙي طرح اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ اها اٽڪل 12 ارب ٿي ويندي، 2018ع ۾ اها 4 ارب رپيا هئا ۽ رڳو ٽن سالن ۾ اها 25 ارب رپين تائين پهچي وئي. هن چي?? ته هن وقت رڳو گوگل ۽ فيس بڪ اٽڪل 7 ارب رپيا ايڊورٽائيزنگ جي مد ۾ پاڪستان مان حاصل ڪري رهيا آهن، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن ۾ فارمل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پٺتي رهجي ويندي جڏهن ته ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ اڳتي وڌي ويندي. چوڌري فواد حسين چي?? ته اسان کي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ تي نظر رکڻي آهي، ان کي ريگيوليشن ۾ آڻڻ تمام ضروري آهي. هن چي?? ته اسان کي جعلي، فرقيواراڻي ۽ نفرت انگيز خبرن تي سوچڻ جي ضرورت آهي. اسان پاڪستان ميڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري رهيا آهيون، اسان جو مستقبل ڊيجيٽل ميڊيا آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل 114 چي??لز ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ 31 ڪرنٽ افيئرز ۽ 42 تفريحي چي??لز شامل آهن، ايف ايم ريڊيوز جو انگ 258 آهي، انهن مان 196 ڪمرشل ۽ باقي نان ڪمرشل آهن. انٽرنيٽ ٽي وي جا اٽڪل 12 لائيسنس آهن جن ۾ نيا ٽيل، پي ٽي سي ايل ۽ ورلڊ ڪال شامل آهن. ان کانسواءِ اٽڪل 1672 اخبارن مان 800 جي لڳ ڀڳ جعلي اخبارون آهن جيڪي شايع ئي نه ٿيون ٿين. اهڙين اخبارن جا اشتهار گهٽ ڪنداسين ته ان تي گوڙ ٿيندو ته ظلم ٿي ويو. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چي?? ته ملڪ ۾ موبائيل فونز ڪنيڪشنز جو انگ اٽڪل 18 ڪروڙ آهي جڏهن ته ڪجهه صارفين وٽ هڪ کان وڌيڪ سمون موجود آهن، اهڙي طرح اٽڪل 10 کان 12 ڪروڙ موبائيل صارفين آهن. ٿري جي ۽ فور جي صارفين جو انگ 98 ملين آهي، براڊ بينڊ سبسڪرائبرز جو انگ 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، اسان وٽ انٽرنيٽ جو دائرو ڪافي وسيع آهي. هن ٻڌايو ته واٽس ايپ تي اٽڪل ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو آهن، يو ٽيوب تي 5 ڪروڙ 60 لک، فيس بڪ تي 3 ڪروڙ 70 لک ماڻهو موجود آهن. سڀ کان وڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ ٽڪ ٽاڪ آهي جنهن تي ٻه ڪروڙ ماڻهو موجود آهن. هن چي?? ته انسٽا گرام، لنڪ ايدن ۽ ٽوئي??ر تي اٽڪل 5 ملين ماڻهو آهن، ٽوئي??ر تي گهڻو بااثر طبقو آهي. نيٽ فليڪس ۽ ايمازون او ٽي ٽي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، انٽرٽينمينٽ عملي طور تي شفٽ ٿي وئي آهي، ان جي ايڊورٽائيزمينٽ ۾ به اضافو ٿيو آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چي?? ته گهڻا ماڻهو ڊيجيٽل طرف شفٽ ٿيندا، ڊيجيٽل منظرنامو وڌندو، ڊيجيٽل ميڊيا پاڪستان جو ميڊيا منظرنامو پيش ڪندو. هن چي?? ته اهي انگ اکر هڪ سخت حقيقت آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جي فارمل ميڊيا، ٽي وي يا اخبارون ختم ٿي وينديون پر انهن جو طريقيڪار بدلجي ويندو. چوڌري فواد حسين چي?? ته عوامي دلچسپي به وڌي رهي آهي، ان ۾ نفرت انگيز ۽ اڻوڻندڙ مواد کي روڪڻ جي لاءِ ريگيوليشنز جي ضرورت آهي. هن مثال ڏنو ته هڪ شخص پنهنجي پاڙي جي ٻارڙين جي وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکي ڇڏي ٿو ته اهي فلاڻي جون ڌيئرون آهن ۽ فلاڻي جڳهه کان اسڪول وڃي رهيون آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن کي ته ان سان ڪو مسئلو نه ٿيندو پر اسان ڄاڻون ٿا ته پاڙي جي ڪنهن ٻارڙي جي تصوير ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکڻ سان ٿي سگهي ٿو ته ان جو اسڪول وڃڻ ئي بند ٿي وڃي، ان لاءِ اسان کي اهڙن معاملن تي ريگيوليشنز آڻڻيون پونديون.