اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس 13 سيپٽمبر تي گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جنهن کي ??در ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر با??ر اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر ۽ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ مجلس شوريٰ پارليامينٽ کي ??در جي خطاب، قانونسازي ۽ نئين پارلياماني سال جي ڪلينڊر ب??بت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ڊاڪٽر با??ر اعواڻ چيو ته 13 سيپٽمبر تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرايو ويندو جنهن کي ??در ڊاڪٽر عارف علوي خطاب ڪندو. موجوده قومي اسيمبلي جي چوٿين پارلياماني سال جي شروعات ??در جي خطاب سان ٿيندي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته موثر قانونسازي ذريعي ئي ملڪ کي درپيش چئلينجز تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو ۽ عوام کي درپيش مسئلن کي حل ڪري سگهجي ٿو. چوٿين پارلياماني سال ۾ التوا ۾ پيل قانونن جي منظوري ۽ عوامي ڀلائي ب??بت قانون ترجيحي بنيادن تي منظوري جي لاءِ پيش ڪيا وڃن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽئين پارلياماني سال ۾ عوامي ڀلائي ب??بت ڪيترائي بلز منظور ڪيا ويا، بجيٽ ۽ عوامي اهميت وارن معاملن تي پڻ تفصيلي بحث ڪيو ويو. اسد قيصر چيو ته قومي اسيمبلي جي ٽن سالن جي ڪارڪردگي ساراهه جوڳي آهي جنهن جو ڪريڊٽ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن ڏانهن ??ڃي ٿو. با??ر اعواڻ چيو ته پارلياماني سال جو ڪيلينڊر تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي هائوس بزنس ايڊوائيزري ڪميٽي ۾ منظوري جي لاءِ پيش ڪيو ويندو.