اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪ??يت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب پرائيويٽ بئنڪن بئنڪنگ محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر ڊاڪٽر عارف علوي کي درخواست ڪئي هئي. واضح رهي ته نجمه سلطانه، زاهد شاهه ۽ طارق محمود چوڌري نالي شهرين جي اڪائونٽس مان دوکيبازي ذريعي 12 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم ڪڍي وئي هئي ڇو ته شڪ??يت ڪندڙن فراڊ ڪندڙن کي ٽيليفون تي پنه??جي بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل ڏنا هئا. واضح رهي ته شڪ??يت ڪندڙن پنه??جي بئنڪن پاران آن لائين بئنڪنگ جي سهولت حاصل نه ڪئي هئي. بنا اجازت جي اڪائونٽس مان رقم ٽرانسفر ڪرڻ تي بئنڪنگ محتسب پرائيويٽ بئنڪن کي رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ پنه??جي فيصلي ۾ چيو هو ته بئنڪ صارفين کي پنه??جي مصنوعات ??اب?? آگاهي ۽ تعليم ڏيڻ بئنڪن جي ذميواري آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پرائيويٽ بئنڪن پاران ڏني ويندڙ درخواست تي چيو آهي ته صارفين جي اجازت کانسواءِ اليڪٽرانڪ فنڊ ٽرانسفر جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪ??ي رقم جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو. هن چيو ته بئنڪون قانون تي عملدرآمد جي حوالي سان ڪي به دستاويز پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن. اهڙي طرح صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جو پرائيويٽ بئنڪن کي شڪ??يت ڪندڙن جي اڪائونٽ ۾ 12 لک رپين جي رقم جمع ڪرائڻ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.