اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان حڪومت جي اتحادي پارٽين جي قيادت جي وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ڪندڙ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۽ پاليسين تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سان حڪومت جي اتحادي پارٽين جي قيادت جي وفد ملاقات ڪئي. ايم اين اي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ آءِ ٽي وا??ي وزير امين الحق متحده قومي موو??ين??، ايم اين اي غوث بخش مهر ۽ آءِ پي سي جي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس، مسلم ليگ (ق) جي نمائندگي هائوسنگ ??ا??ي وفاقي وزير چوڌري طاهر بشير چيما ۽ پاڻي وسيلن وا??ي وفاقي وزير مونس الاهي، ايم اين اي خالد مگسي ۽ دفاعي پيداوار وا??ي وزير زبيد?? جلال ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو عوامي پارٽي جي نمائندگي ڪئي. گهرو وزير شيخ رشيد احمد عوامي مسلم ليگ پاڪستان ۽ وزيراع??م جي خاص معاون شاهزين بگٽي جمهو??ي وطن پارٽي جي نمائندگي ڪئي. حڪومت پاران دفاع وا??ي وفاقي وزير پرويز خٽڪ، منصوبابندي وا??ي وفاقي وزير اسد عمر ۽ وزيراع??م جي خاص معاون ملڪ محمد عامر ڊوگر نمائندگي ڪئي. ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي ۽ معاشي صورتحال سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وآٺ ڪئي وئي. ملاقات ڪندڙ اتحادي پارٽين جي اڳواڻن وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۽ پاليسين تي مڪل اعتماد جو اظهار ڪيو.