اسلام آباد – 24 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پوليو جي خا??مي ج?? 2 سالا ايمرجنسي ايڪشن پلان جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خا??مو ڪرڻو آهي، عالمي برادري کي پوليو جي خا??مي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت هيٺ پوليو جي خا??مي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم پوليو جي خا??مي ج?? موثر قدمن تي صوبائي صحت جي کاتن ۽ ضلعي انتظاميه کي خراج تحسين پيش ڪندي عالمي حصيدارن جو مالي ۽ ٽيڪنيڪي امداد تي ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته سردي ج?? موسم ۾ پوليو جي پکيڙ جي شرح گهٽ ٿيندي آهي ۽ ٻارن جي ايمونائزيشن لاءِ اهو ئي موذون ترين وقت هوندو آهي. اسان سڀني کي گڏجي پوليو وائرس جو خا??مو ڪرڻو آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي پوليو جي خا??مي ۾ افغانستان جي به مدد ڪرڻ گهرجي ته جيئن هنگامي صورتحال کان بچي سگهجي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ٻارن جي ٻين ايمونائزيشن پروگرامز کي به پوليو جي خا??مي ج?? مهم سان گڏ هلايو وڃي ته جيئن وڌ کان وڌ ڪوريج حاصل ڪري سگهجي. اجلا?? کي ٻڌايو ويو ته ايندڙ پنج سالن جي لا3 798.6 ملين ڊالر جو پي سي ون منظوري ج?? لاءِ تيار آهي ج??هن ۾ عالمي ادارن ۽ حڪومت پاڪستان جي مالي مدد شامل آهي. اجلا?? کي آگاهه ڪيو ويو ته سال 2020ع ۾ پوليو جا 84 ڪيس رپورٽ ٿيا جڏهن ته گذريل 10 مهينن ۾ ڪو به ڪيس رپورٽ ناهي ٿيو جيڪا پاڪستان جي پوليو جي خا??مي ج?? حوالي سان وڏي ڪاميابي آهي. اجلا?? کي آگاهه ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو وائرس افغان پناهگيرن جي ذريعي داخل ٿيندو آهي، اجلا?? کي ٻڌايو ويو ته پاڪستان کي 36 مهينن جو عرصو بنا ڪنهن پوليو ڪيس جي رپورٽ ٿيڻ جي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ ورلڊ هليٿ آرگنائيزيشن پاران ”پوليو فري“ سرٽيفڪيٽ حاصل ٿي ويندو، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي اجلا?? کي پوليو تيمن کي فراهم ڪيل سيڪيورٽي ج?? حوالي سان آگاهه ڪيو، عالمي ادارن جي نمائندن پوليو جي خا??مي واري مهم جي موثر قيادت تي وزيراعظم جو ٿورو ادا ڪيو ۽ مڪمل تعاون جي عزم جو اظهار ڪيو. عالمي ادارن جي نمائندن جو حڪومت پاڪستان جي پوليو جي خا??مي وارن قدمن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو ويو، ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ خا?? مددگار فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏو وزير سردار عثمان بوزدار، خيبرپختونخوا جي وڏو وزير محمود خان، گلگت بلتستان جي وڏو وزير خالد خورشيد، بلوچستان جي صحت واري وزير سيد احسن شاهه، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، انجنيئر ان چيف پاڪستان آرمي ليفٽيننٽ جنرل معظم اعجاز، سمورن چيف سيڪريٽرين، بليو ايڇ او، يونيسيف سي ڊي سي، گاوي، بل اينڊ ملينڊا گيٽس فائونڊيشن ۽ روٽري انٽرنيشنل جي اعليٰ عملدارن ۽ سينئر سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.