اسلام آباد-15 ڊسمبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري ??فا??ي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته ??فا??ي ڪابينه ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ـ وچولي درجي جا ڪاروباري ادارن واري شعبي (ايس ا??م اي) لاءِ پاليسي منظور ڪئي آهي، ان شعبي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته لارج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار مينيوفيڪچرنگ يونٽ ڪم ڪري رهيا آهن، 78 سيڪڙو نوڪريون ايس ا??م اي سيڪٽر ۾ آهن. ايس ا??م ايز کي 3 درجن ۾ ورهايو ويو آهي، نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي اين او سي سان آزادي ملي وئي، ايس ا??م اي ڪاروبا?? ڪندڙن کي خاص مراعتون ڏينداسين. ايس ا??م ايز جي شعبي ۾ ڪاروبا?? ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو خاص رعايت ڏني ويندي، ان شعبي جي ??اليات تائين پهچ لاءِ 23 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ملڪ جي ??ختلف شهرن ۾ ايس ا??م ايز لاءِ 4200 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي جنهن تي 19500 پلاٽ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. ايس ا??م ايز کي اين او سيز حاصل ڪرڻ لاءِ ڊگهي طريقيڪار کان نجات حاصل هوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ??فا??ي وزير چوڌري فواد حسين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. مخدوم خسرو بختيار چيو ته ??فا??ي حڪومت پهريون ڀيرو ايس ا??م اي پاليسيءَ کي منظور ڪيو آهي، ان پاليسيءَ تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪس ۾ 57 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين خاص ڇوٽ ڏني ويندي ته جيئن نه صرف پيداوار لاڳت گهٽ ٿئي پر پرافٽ مارجن به وڌي سگهي. پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک 20 هزار جي ??ڳ ڀڳ معاشي يونٽ موجود آهن جن مان 99 سيڪڙو يونٽ سمال اينڊ ميڊيم درجي جي ڪاروبارن تي ٻَڌل آهي. عوام جي ??عاشي، سماجي ۽ خوشحالي ۽ ملڪ جي ??جموعي معاشي ترقيءَ ۾ انهن جو ڪردار تمام اهم آهي. هن چيو ته اهو ڪاروبار نه صرف روزگار جي ??راهميءَ جو بنيادي ذريعو آهي پر جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو ۽ روانگي واپار جو به 25 سيڪڙو حصو انهن ڪاروبارن تي اچي ٿو. ننڍين ۽ وڏين معاشي سرگرمين ۾ خاص اهميت رکڻ باوجود ماضي ۾ انهن ڪاروبارن جي ڀلائيءَ حڪومتي سطح تي ڪوششون نظر نه پيون اچن. هن جو چوڻ هو ته موجوده حڪومت ڄاڻايل ڪاروبارن کي هر قسم جون مراعتون فراهم ڪري انهن کي خودمختيار بڻائڻ لاءِ ڪوشان آهي. نيشنل ايس ا??م اي پاليسي 2021ع انهيءَ سلسلي جي ??ڪ ڪڙي آهي. ان پاليسيءَ جو مرڪزي مقصد ننڍي ۽ وچولي طبقي جي ڪاروبا?? ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي. هن چيو ته ان پاليسيءَ تحت ايس ا??م ايز کي قيام کان وٺي مصنوعات ۽ خدمتن جي ??ڪري تائين هر قدم تي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪاروبار جي شروعات جي حوصله افزائيءَ لاءِ ايس ا??م اي لاءِ صنعتي زون ۾ 4200 ايڪڙو زمين جي خاص الاٽمينٽ ڪئي ويندي. هن چيو ته غير رسمي ڪاروبارن تي ليبر قانون لاڳو نٿا ٿين جنهن سبب انهن جو سماجي تحفظ تمام ڏُکيو ٿي ويندو آهي. نيشنل ايس ا??م اي پاليسيءَ تحت ان جي ??عاشي ڌارا ۾ شموليت آسان بنائڻ لاءِ نه صرف انهن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي ويندي پر شفاف اي انسپيڪشن جو نظام به متعارف ڪرايو ويندو، جنهن سان انسپيڪشن آفيسرن جا صوابديدي اختيار گهٽ ٿي ويندا ۽ صنعتڪارن جي ??راسگي جا امڪان نه رهندا. هن چيو ته ايس ا??م ايز جي ??ارڪيٽن ۽ صارفين تائين پهچ آسان بنائڻ لاءِ به اي ڪامرس، آن لائن بزنس ۽ مقامي ۽ عالمي نمائشن ۾ شموليت جي خاص حوصله افزائي ڪئي ويندي، ان سان گڏوگڏ حڪومتي ڪانٽرڪٽس ۽ پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ ايس ا??م ايز جي ??ڌ کان وڌ شموليت لاءِ مخصوص ڪوٽا مختص ڪئي ويندي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن لاءِ اها پاليسي نهايت سٺو سنوڻ آهي. ايس ا??م ايز کي هٿي وٺرائڻ سان بيروزگاريءَ جي خاتمي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندي ۽ قوم ۽ ملڪ جي ??عاشي خوشحاليءَ جو به ضامن بڻجندي.