اسلام آباد – 20 ڊسمبر (اي پي پي) قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف چيو آه?? ته او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جو غير معمولي اجلاس افغانستان ??ي لاءِ فوري انساني ۽ اقتصادي امداد جي ضرورت تي ڌيان ڏيڻ ۾ ڪامياب رهيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته اها ڪانفرنس اسان ??ي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڀلائي لاءِ پاڪستان ??ي مسلسل عزم جو عڪاس آهي، معيد يوسف چيو ته اسان ??جلاس کي ڪامياب بڻائڻ ۾ سمورن مسلمان ملڪن، سهڪاري ملڪن ۽ ??ال??ي ادارن جي نمائندن جو ٿورو ادا ڪري??ن ٿا. ه?? ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ پرڏيهي وزارت جي سموري ٽيم کي مبارڪباد پيش ڪئي.