اسلام آباد – 27 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي ڇوڪ??ين جي تعليم لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چ??و آهي عالم سڳورن ۽ مسجدن جو معاشري ۾ تمام وڏو ڪردار آهي، حڪومت ڇوڪ??ين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ اسڪول آڻڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، عورتن کي تعليم يافته بڻائڻ ۾ عالم سڳورا موثر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڇوڪ??ين جي تعليم جي فروغ لاءِ قومي مهم جي لانچنگ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، تقريب ۾ خاتون اول بيگم ثمينه ??ار?? علوي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چ??ئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز، پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن (پيج) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر فجر رابعه پاشا، عالم سڳورا ۽ تعليمي ماهرن شرڪت ڪئي، صدر تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته ڇوڪ??ين کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ لاءِ عالم سڳورا معاشري ۾ مثبت انداز ۾ پيغام پهچائي سگهن ٿا، عالم سڳورا ڪورونا جي باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته 32 سيڪڙو ڇوڪريون پرائمري تعليم کان محروم آهن، حڪومت احساس پروگرام تحت اسڪالرشپس پروگرام شروع ڪيو، عورتن کي بينادي تعليم ڏئي پيرن تي بيهاري سگهجي ٿو، اسلام پهريون مزهب آهي جنهن عورتن کي معاشري ۾ مقام ڏنو، عالم سڳورا ڪڏهن به ڇوڪ??ين جي تعليم جي مخالف ناهن رهيا، صدر چيو ته ڇوڪ??ين کي تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ معاشري ۾ تحفظ فراهم ڪرڻ اهم آهي ، عالم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ وڏي اهيمت رکي ٿو، عورتن کي هنر مند بڻائڻ ۽ تعليم ڏيڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته عالم ڇوڪ??ين جي تعليم ۾ ڪڏهن مزاحمت ناهي ڪئي، سر سيد احمد خان ڪيتريون ئي ڪوششن کانپوءِ ننڍي کنڊ جي مسلمانن کي جديد تعليم حاصل ڪرڻ تي آماده ڪيو، حڪومت ڇوڪ??ين جي تعليم کي انتهائي اهميت ڏئي رهي آهي، ڇوڪ??ين جي تعليم جي باري ۾ عالم سڳورن جو پيغام معاشري ۾ اهميت رکي ٿو، هن چيو ته مسجدون تعليم جي مرڪزن جو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون، عالم سڳورا ۽ مشائخ ڪورونا وبا جي دوران معاشري جي رهنمائي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، صدر چيو ته عورتن جي اسڪل ڊولپمينٽ ضروري آهي، اسلام 14 سئو سال اڳ عورتن کي حق ڏنا ۽ کين معاشري ۾ نمايان مقام ڏنو. صدر مسجد جي ڪردار کي اجاگر ڪندي چ??و ته معاشرتي مسئلن جي حل لاءِ مسجد کان عوام کي آگاهي ڏيڻي پوندي، ڊاڪٽر ??ار?? علوي چ??و ته عالم اسڪولن کان ٻاهر ڇوڪرن ۽ ڇوڪ??ين لاءِ فجر کان ظهر تائين مسجدن ۾ تعليم جو اهتمام ڪرڻ جي په??ين ئي تجويز ڏني آهي، تقريب کي خطاب ڪندي اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي چ??ئرمين پروفيسر ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ڇوڪ??ين جي تعليم جو صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي ۽ خاتون اول بيگم ثمينه ??ار?? علوي جو هدف دلين جي گهڻو ويجهو آهن، هن چيو ته ڇوڪ??ين جي تعليم لاءِ لائحه عمل طئي ڪري رهيا آهن، پاڪستان الائنس فار گلز ايجوڪيشن اسٽار اسڪولز جي ذريعي منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ پيشقدمي شروع ڪئي آهي جنهن ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل ۽ عالم سڳورن جو تعاون به شامل آهي. ڊاڪٽر قبله اياز چيو ته ان جي ڪوسشن جي نتيجي ۾ پاڪستان هڪ باوقار ملڪ جي حيثيت سان سڃاتو ويندو. هن اميد ظاهر ڪئي ته ايوان صدر جي سرپرستي ۾ ڇوڪ??ين جي تعليم لاءِ عملي قدم کڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين، ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر پاڪستان الائنس فار گرلز ايجوڪيشن فجر رابعه پاشا تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته پاڪستان جا عالم سڳورا ڇوڪ??ين جي تعليم جا حامي آهن، ڇوڪ??ين جي تعليم لاءِ ڪيل ڪوششون مديني جي رياست طرف اهم قدم آهي، هن چيو ته سندن ادارو 129 غير رسمي تعليمي ادارا هلائي رهيو آهي جنهن ۾ ڇوڪ??ين جي تعليم طرف ڌيان ڏنو پيو وڃي، صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي تقريب ۾ ڇوڪ??ين جي تعليم جي باري ۾ قومي مهم جو باقاعده آغاز ڪري ڇڏيو.