اسلام آباد – پهرين مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول ”لٽو ۽ ڦٽو“ واري پاليسي ??ڏي سنڌ تي ڌيان ڏي، بلاول هائوس ۾ پاليل چوها 20 ارب جي ڪڻڪ کائي ويا، مخالف ڌر جي منافقت به بي مثال آهي، پهرين آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ ۽ عوام کي ريليف ڏيڻ تي منفي پروپئگنڊه ڪري رهي هئ??، هاڻي وزيراعظم جي عوامي ريليف پئڪيج تي واڳون وارا ڳوڙها وهائيندڙ مخالف ڌر بهادري جو مظاهرو ڪري ۽ انهن قدمن کي ساراهي، اسان جي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي ??يلز ٽيڪس ٻُري ڪيو، (ن) ليگ 55 رپيا في ليٽر تائين سيلز ٽيڪس وٺندي رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اليڪشن ڪميشن ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ پي ٽي آءِ جي درخواست تي ??ليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ اسان جي وڪيلن دليل ڏنا، اليڪشن ڪميشن جي ا??ڪر??ٽي ڪميٽي پنهنجي رپورٽ ۾ واضح لکيو آهي ته پٽيشنر اڪبر ايس بابر ڪو تصديق ٿيل دستاويز پيش نه ڪيو، تصديق ٿيل دستاويز بطور ثبوت پيش نه ڪرڻ تي ??سان اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪريون ٿا ته اڪبر ايس بابر کي ڪيس کان جدا ڪيو وڃي. مملڪتي وزير چيو ته اڪبر ايس بابر جو هاڻي هن ڪيس سان ڳنڍيل رهڻ جو ڪو جواز نه ٿو بڻجي، ا??ڪر??ٽني ڪميٽي پنهنجا اختيار استعمال ڪندي اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کان ڊيٽا گهرائي هئ??، حنيف عباسي جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي حڪم موجب ا??ڪر??ٽني ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، اليڪشن ڪميشن ڪيس ٻڌڻ چاهي ٿي، اسان اليڪشن ڪميشن کي مطمئن ڪنداسين، اڳ ۾ به ا??ڪر??ٽني ڪميٽي کي پي ٽي آءِ 40 هزار ڊونرز جو رڪارڊ پيش ڪيو هو، پي ٽي آءِ واحد پا??ٽي آهي جنهن وٽ ماهر چارٽرڊ اڪائونٽنٽ ۽ پوليٽيڪل فنڊ ريزنگ جو تجربو آهي. مملڪتي وزير چيو ته ٻين پارٽين وٽ ٻاهرئين ملڪن مان فنڊنگ جو ڪو رڪارڊ نه آهي، بينظير جي ڪتاب موجب نواز شريف سندس حڪومت ڪيرائڻ جي لاءِ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا، فضل الرحمان ليبيا کان پئسا وٺي سيڪريٽريٽ تعمير ڪرايو، پيپلزپا??ٽي مارڪ سهگل کي لابنگ جي لاءِ پئسا ڏيندي رهي. مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته ا??ڪر??ٽني ڪميٽي غيرفعال ٿيڻ سان (ن) ليگ ۽ پيپلزپا??ٽي جو فارن فنڊنگ ڪيس اڳتي نه وڌي رهيو آهي، اسان جو مطالبو آهي ته اليڪشن ڪميشن فوري طور تي ????ڪر??ٽني ڪميٽي کي فعال ڪري. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته (ن) ليگ جا 9 ۽ پيپلزپا??ٽي جا 12 ڳجها اڪائونٽس سامهون آيا آهن، ٻنهي پارٽين پارٽين پا??ٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ استعمال ڪيو. فرخ حبيب چيو ته وزيراعظم عمران خان پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ عالمي سطح تي ??ضافي جي باوجود گهٽتائي ڪري عوام کي ريليف ڏنو آهي، بجلي جي يونٽ ۾ 5 رپيا گهٽتائي سان 95 سيڪڙو صارفين کي فائدو ٿيو ۽ بل 20 کان 50 سيڪڙو تائين گهٽ ايندا، 2008ع کان 2018ع تائين پاڪستان ۾ هر طرف اونداهي ئي اونداهي هئ??، (ن) ليگ ۽ پيپلزپا??ٽي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجهه نه ڪيو، ڪوويڊ 19 آيو ته ان وقت به مشڪلات هئ?? پر عمران خان 1200 ارب جو ريليف پئڪيج ڏنو، 3 مهينن جا بل معاف ڪيا، عالمي سطح تي مهانگائي ٿي ته آمريڪا ۽ يورپ جهڙا ترقي يافته ملڪ به متاثر ٿيا. مملڪتي وزير چيو ته 40 ڊالر في بيرل آئل 100 ڊالر، 40 وارو ڪوئلو 200 ڊالر، 6 ڊالر ايل اين جي 40 ڊالر تائين پهچي وئي. مملڪتي وزير فرخ حبيب هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته وزيراعظم جو جن صحافين طرف اشارو هو اهي سمجهي ويا آهن، سڀني جي لاءِ نه چيو، آءِ ايم ايف ڄاڻي اسان ڄاڻون، انهن کي مطمئن اسان کي ڪرڻو آهي مخالف ڌر کي نه، ايماندار وزيراعظم ۽ ڪرپٽ ۾ اهو ئي فرق هوندو آهي، مشڪل ۾ به عوام جو خيال رکڻ عمران خان جي اولين ترجيح آهي. فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت 8 مهينن ۾ 3800 ارب جو ٽيڪس گڏ ڪيو جڏهن ته (ن) ليگ هڪ سال ۾ مشڪل سان ايترو ٽيڪس گڏ ڪيو هو، عمران خان نه ته لنڊن ۾ محل ٺاهيا ۽ نه ئي مني لانڊرنگ ڪئي، ٽن سالن ۾ مخالف ڌر اهڙو ڪو ڪيس سامهون نه آڻي سگهي، اسان جي حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي ??يلز ٽيڪس ٻُري ڪيو، (ن) ليگ 55 رپيا في ليٽر تائين سيلز ٽيڪس وٺندي رهي، پيٽروليم مصنوعات تي ??يلز ٽيڪس گهٽ ڪرڻ سان 70 ارب جو بار حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي، عمران خان جي عوامي ريليف پئڪيج کانپوءِ مخالف ڌر جا ڳوڙها ارمان بڻجي وهي ويا آهن، بلاول جو لانگ نه ڪوئيڪ مارچ آهي، اچي ٻڌائي ڳجها اڪائونٽس ڪهڙي استعمال ۾ هئا، 15 سالن ۾ پيپلزپا??ٽي سنڌ جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته بلاول لانگ مارچ ??ڏي ۽ ان کي سنڌ جي ترقي تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، اڄ سنڌ جي عوام به هيلٿ ڪارڊ گهري رهي آهي، پيپلزپا??ٽي حڪومت ان تي ??ه ڌيان ڏي.