اسلام آباد – 31 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته چورن جي ٽولي جو وڏي واڪي مطالبو ه?? ته ٻاهرين سازش جي حوالي سان خط پارليامينٽ ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ جڏهن خط پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي ۾ بريفنگ جي دعوت ڏني ته مير صادق ۽ مير جعفر ڀڄي ويا، قومي سلامتي ڪميٽي جي پڌرنامي کانپوءِ انهن ماڻهن لاءِ شرم جو مقام آهي جيڪي پاڪستان ۾ حڪومت جي تبديلي لاءِ ٿيندڙ ٻاهرين سازش کي ڪوڙ چئي رهيا هئا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پارليامينٽ هائوس ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ پنهنجي سيريز آف ٽوئيٽ ۾ ڪيو، مملڪتي وزير چي?? ته مخالف ڌر جو مير صادق ۽ مير جعفر وارو ڪردار قوم جي سامهون اچي ويو آهي، مخالف ڌر خط کي پارليامينٽ ۾ آڻن واري مطالبي تي به قائم نه رهي ۽ ڪميٽي جي سامهون جڏهن معاملو پيش ڪيو وي?? ته اهي ڀڄي ويا ۽ انهن جي اها سازش بي نقاب ٿي وئي، مملڪتي وزير چي?? ته ان سرڪس مان صاف واضح ٿي ويو آهي ته اهي مليل آهن، هن چي?? ته ٻاهرين سازش سان هارس ٽريڊنگ لاءِ 15 ارب روپيا اڇلايا ويا، هن چي?? ته اسان به ائين ڪريون ها ته 172 کان به وڌيڪ ماڻهو اسان سان گڏ هجن ها. مملڪتي وزير ڪپتان ان ٻاهرين سازش جي خلاف ڄ??ي بيٺل آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته اڃان تائين پنج اوور باقي آهن، تمام جلد اهم فيصلا ٿيڻا آهن، بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿيندي، قوم جو اعتماد وزيراع??م عمران خان سان گڏ آهي.