اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سوات جي علائقي پتنئي ۾ باهه وسائڻ جي لاءِ 2 هيليڪاپٽر فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي درخواست تي وزيراعظم محمد شهباز شريف فوري ڪارروائي جو حڪم ڏنو آهي. ضلعي انتظاميا، ٻي??و کاتو ۽ ريسڪيو 1122 گڏجي بابوزئي تعلقي جي پتنئي، مينگور?? ۾ ??اهه وسائي رهيا آهن، خشڪ موسم ۽ تيز هوا جي ڪري باهه کي وڌيڪ ??کڙجڻ کان بچائڻ جي لاءِ هيليڪاپٽر گهريا ويا هئا. وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ضلعي انتظاميا ۽ معاون ادارن جي درخواست فوري منظور ڪندي باهه وسائڻ جون هدايتون جاري ڪيون آهن. وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته باهه وسائڻ جي لاءِ فضائي امداد فوري فراهم ڪئي وڃي.