فيصل آباد – 12 – آگسٽ (اي پي پي) اوقاف ۽ مذهبي معاملن واري اداري فيصل آباد پاڪستان ج?? آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جوبلي تي سڀني مسجدن ۾ قرآن خواني ڪرائڻ ??و اعلان ڪيو آهي. فيصل آباد اوقاف کاتي جي ترجمان چيو آهي ته آزادي جي ڏهاڙي تي سڀني مسجدن ۾ فجر جي نماز کان??وء?? قرآن خواني جون خصوص?? تقريبون ڪيون وينديون ۽ ملڪ جي سلامتي، ملڪي استحڪام، اندروني ۽ ٻاهرئين ڇڪتاڻ کان ڇوٽڪاري، جاگرافيائي ۽ نظرياتي سرحدن ج?? حفاظت، قدرتي آفتن، ناگهاني حادثن، قومي ڀلائي، علائقائي تعمير ۽ ترقي ۽ امن امن ج?? لاءِ خصوصي دعائون ڪيون وينديون.