گڏيل قومون-08 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي ??ار?? بابت فنڊ ڏيندڙ اداري يونيسيف تي ??ور ڀريو آهي ته هو ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي ??ار?? جي تعليم لاءِ عارضي ماڳن تي ٻيهر اسڪول کولڻ ۽ـ انهن کي اپ گريڊيشن ۾ مدد ڏي، جڏهن ته اداري جي ايگزيڪيوٽ?? بورڊ پاڪستان جي 8 ڪروڙ ??ار?? جي بهتريءَ لاءِ 4 ساله ڪنٽري پروگرام تحت 900 ملين ڊالرن جي منظوري ڏني آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم بورڊ ميٽنگ دوران ٻُڌايو ته خوراڪ، علاج ۽ پاڻيءَ سبب پيدا ٿيل بيمارين کان بچاءُ، ??ار?? کي حفاظتي ٽُڪا لڳائڻ ۽ کين غذائيت فراهم ڪرڻ لاءِ امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ وڏي پيماني تي ٻوڏ جي تباهي موسمياتي ??بديلين جو مظهر آهي، جنهن سبب 3 ڪروڙ 30 لک ماڻ??و متاثر ٿيا آهن جن مان لکين ??ار?? کي پاڻي ۽ صفائيءَ سان گڏ تعليم، صحت جي سهولتن، خوراڪ ۽ پناهگاهن جي فوري ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته يونيسيف پاڪستان حڪومت سان ملي ڪري نه صرف هنگامي سامان فراهم ڪندو بلڪ لکين ??ار?? جي بحاليءَ لاءِ فعال ڪردار ادا ڪندو. هن چيو ته پاڪستان کي ??ار?? سميت ترقيءَ جي بنيادي ضرورتن جي فراهميءَ ۾ چئلينجن جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته هن وقت ڪورونا وائرس جي وبا موسمياتي ??بديلين جا خطرا، ٻوڏ، کاڌي ۽ توانائيءَ جي وڌندڙ قيمتن ۽ سيڪيورٽي چئلينجز خاص طور تي پٺتي پيل علائقن جي ??ار?? جي غذائيت، صحت، تعليم ۽ ٻين ضرورتن جي هدفن جي حاصلات ۾ ڏُکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته نَون اسڪولن کولڻ، موجوده اسڪولن جي بنيادي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۽ اِي لرننگ لاءِ ڊجيٽل پليٽ فارم تيار ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي ته جيئن تعليم کان محروم تقريبن 2 ڪروڙ ??ار?? کي اسڪول وڃڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان حوالي سان هن چيو ته يونيسيف کي حڪومت سان ملي ڪري ??ار?? جي بهتر پرگهور لاءِ انهن جي غذائي ضرورتن کي پورو ڪرڻ گهرجي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان ??ار?? خلاف هر قس?? جي تشدد جي خاتمي لاءِ يونيسيف سان تعاون ڪندو ته جيئن هو سلامتي ۽ وقار سان زندگي گذاري سگهن.