اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي رائل مليشين نيوي جي سربراهه ايڊ??رل تان سري مح??د رضا بن مح??د ساني کي نشان امتياز (ملٽري) عط?? ڪيو آهي. صدر مليشين نيول چيف کي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ ان جي اڻٿڪ خدمتن جي اعتراف ۾ ايوارڊ سان نوازيو آهي. ايوارڊ عط?? ڪرڻ جي تقريب ايوان صدر ۾ ٿي. تقريب جي شروعات قومي تراني ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سان ٿي. تقريب ۾ پاڪستان ۽ مليشين سامونڊي فوج جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.