ڪراچي -10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل انتونيو گوتر??س چيو آهي، ??ه پاڪستان ۾ تباهه ڪن ٻوڏ سبب انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، پاڪستان کي فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي، گڏيل قومون ۽ عالمي ادارن کي مشڪل جي هن گهڙي ۾ فراخدلي سان پاڪستان ??ي مدد ڪرڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن ڪراچي ايئرپورٽ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب جيڪا تباهي آئي آهي، ??نيا جي ڪنهن به آفت دوران ??يتري تباهي نه ڏٺي، ??ن صورتحال کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ٻوڏ سبب لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، فصلون تباهه ٿيون، چوپايو مال لڙهي ويو، ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ ماڻهو پنهنجا گهر ٻار، ۽ روزگار وڃائي ويٺا آهن. اهڙي صورتحال سبب پاڪستان ۾ انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي اڄ جو وڏو مسئلو آهي. پاڪستان ٻين ملڪن جي قدمن جي قيمت چڪائي رهيو آهي. ڪاربن پکيڙڻ سبب جي-20 ملڪن جو حصو 80 سيڪڙو آهي، ??رقياتي ملڪن کي موسمياتي تبديلي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳتي وڌڻ گهرجي، ??نعتي ملڪن کي بدترين ڪاربن جي نيڪال ڪرڻ ۾ گهٽتائي ڪرڻ گهرجي، ??ڄ پاڪستان موسمياتي تبديلي جو شڪار آهي ته سڀاڻي ڪو ٻيو ملڪ هوندو، جيڪڏهن فوري طور قدم نه کنيا ويا ته مستقبل ۾ تمام گهڻا خطرا هوندا. سيڪ??يٽ??ي جنرل چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ گڏيل قومون ۽ عالمي برادري کي پاڪستان ??ي مدد ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان کي لکين ماڻهن جي بحالي لاءِ فوري طور وڏي مالي امداد جي ضرورت آهي. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي سنجيدگي سان هن ڳالهه تي سوچڻو پوندو ته آفت جي هن صورت ۾ اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪهڙي طرح ڪئي وڃي. کين پاڪستان ??ميت ٻين اسرندڙ ملڪن کي مشڪل مالي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد لاءِ نئون طريقو جوڙڻ جي ضرورت آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته عالمي برادري تيزي سان پاڪستان ??ي مدد لاءِ اڳتي وڌندي. هن چيو ته پاڪستان ??ي سياسي ۽ عسڪري قيادت امدادي ادارن ۽ سماجي تنظيمن کي پڻ اڳتي وڌي مشڪل جي هن گهڙي ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد ڪرڻ گهرجي. ان موقعي تي بلاول ڀٽو زرداري ڳالهائيندي چيو ته ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ وڏي پئماني تي تباهي ٿي آهي. گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل جو هن مشڪل جي گهڙي ۾ پاڪستان ??و دورو سٺو سنئوڻ آهي. هن دوري سان ??المي سطح تي پاڪستان لاءِ امدادي ڪوششن ۾ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هن ڀرپور مصروفيتن باوجود پاڪستان ??و دورو ڪرڻ تي گڏيل قومن جي سيڪ??يٽ??ي جنرل جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن.