لاڙڪاڻو-10 سيپٽمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ جون تباهڪاريون خطرناڪ آهن، پاڪستان ??ين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي کان سڌو سنئون متاثر ٿي رهيو آهي، ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن کي پورو ڪرڻ اڪيلي پاڪستان جي وسيلن سان ??مڪن نه آهي، دنيا جي ذميداري آهي ته هن مشڪل گهڙي ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏئي. وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل لاڙڪاڻي ۾ ٻوڏ سبب متاثر ڪيمپ جو دورو ڪيو، ان ??وقعي تي وزيراعظم محمد شهب??ز شريف ڳالهائيندي چيو ته گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل هتي ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي صورتحال ڏسڻ آيو آهي، ان خطرناڪ ٻوڏ ۾ 1300 کان ??ڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا، هزارين زخمي، لکين گهر تباهه ٿيا، وڏي پئماني تي بيٺل فصلن کي نقصان ??هتو، سنڌ ۾ سڀ کان ??ڌيڪ تباهي ٿي آهي، هر طرف پاڻي ئي پاڻي آهي، گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل متاثرن سان ??مدردي لاءِ هتي آيو آهي، توهان جي مشڪلاتن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، وفاقي ۽ صوبائي حڪومت گڏجي توهان جي خدمت ۾ حاضر آهي، هن چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي 25 هزار روپيا في خاندان ??تاثرن ۾ ورهايا پيا وڃن، ان ??اءِ وفاق 70 ارب روپيا فراهم ڪري رهيو آهي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش چيو ته گڏيل قومن طرفان ان خطرناڪ سانحي تي توهان سڀني سان ??ڪجهتي ۽ همدردي جو اظهار ڪري ٿو، ماضي ۾ چوماسي دوران ??ختلف ملڪن ۾ برساتون ڏٺيون آهن، ترقي يافته ملڪن ماحوليات کي آلوده ڪر?? ڇڏيو آهي، صنعتن جي ڪري آلودگي زمين جي گرمي پد ۾ وڏي حد تائين اضافو ڪر?? ڇڏيو آهي، گليشيئرز تيزي سان ??گهرجي رهيا آهن جنهن سان ??وڏ اچي رهي آهي، اها صورتحال پاڪستان کي به درپيش آهي، هن چيو ته پاڪستان ان ??احولياتي آلودگي جو ذميدار نه آهي پر ٻين ملڪن جي پيدا ڪيل آلودگي جو شڪار آهي، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده صورتحال وڏي پئماني تي مدد جي ضرورت آهي، هو آلودگي جي ڪري موسمياتي تبديلين جو شڪار آهي، ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي مرحلي، گهرن جي تعمير، آبادگارن جي نقصانن جي ازالي لاءِ ان کي وڏن وسيلن جي ضرورت آهي، تنهن هوندي به اڪيلو پاڪستان ايترا وسيلا نٿو رکي جو هو ان جو ازالو ڪري سگهي، جن ملڪن اهي حالتون پيدا ڪيون هي انهن جي ذميداري آهي ته هو ان صورتحال مان ??ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪن، سيڪريٽري جنرل چيو ته آلودگي جو سبب بڻجندڙ ملڪ فطرت جي خلاف پنهنجي جنگ بند ڪن، اهو ڪنهن به طور تي مناسب نه آهي، موسمياتي تبديلين جي حالتن جو سبب بڻجندڙ آلودگي کي روڪين، هن چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ جيڪو آواز پاڪستان جو آهي اهو ئي گڏيل قومن جو به آهي، هن چيو ته اسان کي موجوده صورتحال سبب پيدا ٿيل مسئلن ۽ تڪليفن جو احساس آهي، ان ??اءِ گڏيل قومن جي پليٽ فارم تان ڀرپور آواز اٿارينداسين. هن چيو ته ٻِهراڙي جي علائقي ۽ خانداني آبادگاري جي شعبي سان ??اڳاپيل ناطي هو آبادگارن جي ٿيندڙ نقصانن کي سمجهي ٿو. هن دعا ڪئي ته ڪو اهڙو معجزو ٿي وڃي جو توهان جي سمورن نقصانن جو ازالو ممڪن ٿئي، ان ??وقعي تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته متاثرن لاءِ في خاندان 25 هزار روپيا وفاق طرفان ??يش ڪرڻ تي وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون، متاثرن جي ان روڪ امداد مان ڪجهه نه ڪجهه داد رسي ٿي رهي آهي، هن چيو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان ڏک درد ۾ شريڪ ٿي رهيو آهي ته جيڪا تاريخي ڳالهه آهي، هن چيو ته عالمي دنيا سان گڏجي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت اهڙو منصوبو جوڙيندي ته آئنده ٻوڏ سبب انفرااسٽرڪچر کي ان ??در نقصان ??ه پهچي.