اسلام آباد – 21 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترق??ات?? بئنڪ چيو آهي ته ??از?? بدترين ٻوڏ، مال??ات?? ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن ل??ءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه ايشيائي ترق??ات?? بئنڪ ايشين ڊولپمينٽ آئوٽ لڪ 2022ع جي نالي سان شايع ٿيل رپورٽ ۾ چئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 2020ع ۾ 6 سيڪڙو واڌ جي باوجود هاڻوڪي بدترين ٻوڏ، مال??ات?? ۽ ٻاهرين ادائيگين ۾ توازن ل??ءِ سخت گير پاليسين سبب مالي سال 2023ع ۾ پاڪستان جي معيشت جي واڌ جي شرح 3.5 سيڪڙو تائين رهندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته مالي سال 2022ع ۾ مقامي گهرج ۾ اضافو، زراعت، خدمتن ۽ وڏين صنعتن جي پيداوار ۾ نمايان واڌ سبب جي ڊي پي ۾ 6 سيڪڙو اضافو ممڪن ٿيو تنهن هوندي به 2023ع ۾ ماحول??ات?? رڪاوٽن، ڊبل ڊيجٽ ناڻي واڌ ۽ سخت مالي ۽ مال??ات?? پاليسي سبب پاڪستان ۾ جي ڊي پي جي واڌ جي اڳڪٿي کي گهٽ رکيو ويو آهي، پاڪستان ۾ ايشيائي ترق??ات?? بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ينگ يي ٻڌايو ته ??از?? بد ترين ٻوڏ پاڪستان جي معاشي منظرنامي ل??ءِ وڏا خطرناڪ خدشا پيدا ڪيا آهن، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي سرگرمين ل??ءِ چڱي خاصي عالمي مدد حاصل ٿيندي جنهن سان واڌ ۾ اضافي کانسو??ءِ سماجي ترقي ۽ معاشري جي معاشي طور تي ڪمزور طبقن کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ملندي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ گهرج ۾ 10 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن سان روزگار ۽ ماڻهن جي آمدني ۾ اضافو ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022ع ۾ زراعت جي شعبي ۾ 4.4 سيڪڙو جي واڌ ٿي تنهن هوندي به ٻوڏ سبب ايندڙ سال ۾ ان شعبي ۾ وڏي واڌ جي اميد آهي. رپورٽ ۾ ناڻي واڌ جو دٻاءُ ۽ ان جي شرح 18 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.