گڏيل قومون-21 سي??ٽم??ر (اي پي پي) گڏيل قومن چيو آهي ته پ??ڪستان ۾ تباهه ڪُن ٻوڏ سبب 76 لک ما??هو متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته 1500 کان وڌيڪ فوت ۽ اتڪل 80 لک بي گهر ٿي چڪا آهن. سنڌ صوبي جو ڏاکڻو علائقو بدستور پاڻيءَ هيٺ هجڻ ڪري بحران جو شڪار آهي. ٻوڏ بعد امدادي سرگرمين ۾ مصروف گڏيل قومن جي ذيلي ادارن جي گڏيل بيان مطابق پاڪستان جي قدرتي آفت سبب متاثر علائقن ۾ جتي امدادي شين جي سخت ضرورت آهي، اتي متاثرن تائين پهچڻ به ڏُکيو آهي، خاص طور تي ڏکڻ سنڌ جتي هاڻي تائين علائقا پاڻيءَ هيٺ ٻُڏل آهن. گڏيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پ??ڪستان ۾ ٻوڏ سبب 76 لک ما??هو متاثر ٿيا آهن، تقريبن 80 لک بي گهر ۽ 1500 حياتيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جن ۾ 552 ٻار به شامل آهن. گڏيل قومن جي ادارن مقامي اختيارين سان گڏجي امدادي ڪاررواين جو سلسلو جاري رکيو آهي، جڏهن ته ما??هن لاءِ مناسب مقدار ۾ خوراڪ، پناهگاهه ۽ ص??ت جون ضروري سهولتون دستياب ناهن. گڏيل قومن جي ٻارن جي حوالي سان اداري (يونيسيف) جي چيف آف فيلڊ آفيس بلوچستان گيريڊا بيروڪيلا بلوچستان جي حالت بيان ڪندي چيو ته هتي ٻوڏ سبب رستا ۽ پُلون پاڻيءَ جي وهڪري ۾ وهي ويون آهن ۽ هن وقت به ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي. هن چيو ته هاڻي ٻوڏ متاثر ما??هن ۾ دماغي مليريا ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن جن جي علاج لاءِ دوائون به دستياب ناهن. ما??هن لاءِ پناهگاهن جي کوٽ ۽ پائڻ لاءِ لباس تائين ناهي، پناهگيرن جي حوالي سان گڏيل قومن جي اداري يو اين ايڇ سي آر جي ايشيا پي??فڪ لاءِ ترجمان بابر بلوچ مطابق پاڪستان ۾ 7.6 ملين ما??هو ٻوڏ جي نتيجي ۾ بي گهر ٿيا، جن ۾ اٽڪل 6 لک امدادي هنڌن تي ترسيل آهن. اسان جو ٻوڏ متاثر علائقن ۾ 1.2 ملين امدادي شيون مقامي اختيارين تائين پهچائڻ جو منصوبو آهي، جنهن مان 10 لک فراهم ڪيا ويا آهن. هن چيو ته ملڪ جا ڪيترائي حصا خاص طور تي ڏکڻ سنڌ ۽ اوڀر بلوچستان جا علائقا پاڻيءَ هيٺ آهن. متاثر علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي سُڪڻ ۾ 6 مهينن جو عرصو لڳي سگهي ٿو. بابر بلوچ چيو ته پ??ڪستان ۾ 1.3 ملين رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي به ان صورتحال کي مُنهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.