اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز ??ريف چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندرون?? ۽ ??اهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آه?? ۽ ??ر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد جي لاءِ موجود رهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سان چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. وفد جي قيادت چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز جي صدر زانگ گيوليانگ ڪئي. ملاقات دوران وزيراعظم چيو ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي بي مثال آهي، چين هر اندرون?? ۽ ??اهرئين محاذ تي پاڪستان جو ساٿ ڏنو آه?? ۽ ??ر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد لاءِ موجود رهيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهي جو مقابلو ڪرڻ ۽ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ جاري ڪمن ۾ چين پاڪستان جي تمام گهڻي مدد ڪئي. چائنا نيشنل نيوڪليئر ڪارپوريشن اوورسيز پاران ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ هڪ وڏي رقم جو چيڪ پڻ وزيراعظم جي فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ پيش ڪيو ويو. ملاقات ۾ پيٽروليم وارو مملڪتي وزير مصدق ملڪ، وزيراعظم جا خاص معاونين طارق فاطمي، ظفرالدين محمود ۽ پاڪستان ۾ چين جو سفير نونگ رونگ پڻ شريڪ ٿيا.