رياض – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد ?? وزيراعظم محمد بن سلمان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي درخواست تي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامي ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سعودي ولي عهد کي اپريل 2022ع جي واقعي تي درگذر کان ڪم وٺڻ ۽ گرفتار پاڪستانين جي آزادي جي درخواست ڪئي هئي. مدينه منوره جي عدالت ٽن پاڪستانين کي 8 سا?? ۽ ٽن کي 6 سا?? قيد جي سزا ٻڌائي هئي. خواجه لقمان، محمد افضل، غلام محمد کي 8 سا?? ۽ نس، ارشد ۽ محمد سليم کي 6 سا?? قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي. هڪ ٻئي پاڪستاني طاهر م??ڪ کي به ٽي سا?? قيد ۽ 10 هزار ريال ڏنڊ هنيو ويو ه??. و??يراعظم جي درخواست تي سعودي ولي عهد ?? وزيراعظم محمد بن سلمان سعودي عرب ۾ قيد پاڪستانين جي آزادي جي لاءِ وڏو فيصلو ڪندي مسجد نبوي ﷺ ۾ هنگامو ڪرڻ جي ڏوهه ۾ قيد سمورن پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏن??. و??يراعظم محمد شهباز شريف سعودي ولي عهد سا?? ٿورا مڃيندي چيو ته الله تعاليٰ توهان کي ان جو اجر عطا فرمائي.