اسلام آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فلسطيني عوام جي لاءِ پ??ڪستان جي مسلسل ۽ واضح حمايت جو ورجاءُ ڪندي ??يو آهي ته فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد ان وقت تائين ??اري رهندي جيستائين ??نهن کي خودمختياري ??اري حق جي استعمال جو موقعو نه ٿو ڏنو وڃي ۽ پاڪستان انهن سان گڏ جدوجهد ۾ بيٺل رهندو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار فلسطيني عوام سان يڪجهتي جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪندو آيو آهي ۽ ڪندو رهندو. پاڪستان عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ امن معاهدي تي ڳالهين جي لاءِ فلسطيني رضامندي جي حمايت ڪري ??و. صدر ??يو ته اڄ عالمي برادري سان فلسطيني عوام سان گڏ يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهيون. ساڍن ستن ڏهاڪن ۾ اسرائيل فلسطينين ??ان منظم ۽ وڌندڙ زيادتيون جاري رکيون، بيگناهن جو رت وهايو ويو ۽ فلسطينين ??و رت وهڻ جو سلسلو اڃا تائين ناهي رڪيو. صدر ??يو ته مسلسل اسرائيلي تشدد جو تازو واقعو هن سال آگسٽ ۾ ڏٺو ويو، جڏهن غزه ۾ اسرائيلي بمباري جي نتيجي ۾ 17 ٻارن سميت اٽڪل 50 فلسطيني مارجي ويا ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته فلسطينين جي خلاف نه رڪجڻ وارو اسرائيلي تشدد، اسرائيل جو فلسطين ??ي ناجائز قبضو ان تڪرار جي ناقابل ترديد حقيقتون آهن. اسرائيل پاران والاريل فلسطيني علائقن کي ضم ڪرڻ ۽ انساني قبضي ۽ عالمي قانونن جي منافي آهي. صدر ??يو ته آئون فلسطينين جي لاءِ پ??ڪستانين جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪريان ٿو، طاقت جي زور تي علائقي تي قبضو ٿي سگهي ٿو پر عوام جي دلين ۽ دماغ تي قبضو نه ٿو ڪري سگهجي. فلسطينين جي آزادي جي جدوجهد خودمختياري ??اري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ??اري رهندي. هن ??يو ته پاڪستان فلسطينين جي موقف جي مڪمل حمايت ڪري ??و ۽ عالمي سطح تي تسليم ٿيل شرطن ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن جي بنياد تي عالمي نگراني ۾ ڌرين جي وچ ۾ هڪ مقرر ٽائيم فريم ۾ تڪرار جو حل چاهي ٿو ۽ اهو ته اهو اوڀر بيت المقدس جي فلسطيني رياست جي گادي واري شهر جي طور تي مڪمل حمايت ڪري ??و. صدر ??يو ته پاڪستان تاريخي طور تي فلسطينين جي جائز جدوجهد جي حمايت ڪئي آهي ۽ هو اڳتي به ان جي حمايت ڪندو رهندو.