اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيصل مسجد ۾ عورتن جي نماز تي پابندي ۽ صفائي جي ناقص صورتحال جي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته سڄي دنيا جي مسجدن ۾ مناسب اسلامي لباس ۽ مٿو ڍڪي عورتن کي ??ماز پڙهڻ جي اجازت آهي، فيصل مسجد مذهبي ۽ سياحتي اهميت رکندڙ آهي پر م??ڪز?? هال ۾ ??ه ته عورتن جي لاءِ نماز جي جدا جڳهه آهي نه ئي ان ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار ڊان نيوز جي 14 سيپٽمبر جي خصوصي رپورٽ جو نوٽيس وٺندي ڪيو جنهن ۾ مسجد ۾ عورتن جي نماز پڙهڻ تي پابندي، صفائي ۽ سارسنڀال جي ناقص صورتحال ۽ مسجد جي اڱڻ ۾ پينو فقيرن جي موجودگي جي نشاندهي ڪئي وئي هئي. صدر چيو ته ضعيف ۽ بيمار عورتن کي ??فٽ نه هجڻ جي ڪري ڏکيائي کي ??نهن ڏيڻو پوي ٿو. هن سوال ڪيو ته انهن پابندين کي ??نهن ڏيندي عورتون پنهنجي نماز ڪيئن ادا ڪري سگهنديون. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته منهنجي راءِ ۾ عورتن کي ????ڪز?? هال ۾ مخصوص جڳهه تي نماز ادا ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي، عورتن کي ان عظيم مسجد جي تعميراتي خوبصورتي کي ساراهڻ جي لاءِ م??ڪز?? هال ۾ وڃڻ جي به اجازت هجڻ گهرجي. صدر چيو ته منهنجي اها راءِ حرمين شريفن سميت پوري دنيا جي مشاهدي تي ٻڌل آهي. سي ڊي اي ايوان صدر کي ??نهنجي رپورٽ ۾ ٻڌايو ته صورتحال جي بهتري لاءِ قدم شروع ڪيا آهن، دعوته اڪيڊمي جي پاليسي تحت صرف هڪ گيلري عورتن جي لاءِ مخوص آهي، م??ڪز?? هال ۾ عورتن کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه آهي. صدر خواهش ظاهر ڪئي آهي ته فيصل مسجد جا منتظم انهن مسئلن تي وڌيڪ وضاحت ڪن.