اسلام آ??اد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ شارٽ فلم ڪلري هيريٽيج آف لاهور، ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“”سڪندر رڪشي والا“”سرپلز آف سلور لائٽنگ“،”بروشسڪي“”بهاولپور، ”حسن مستور“ايوارڊ ماڻي ورتا، وزيراعظم نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب ٿي، جنهن ۾ مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ کٽيندڙ فلمن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. انڊر گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ اقراءَ يو??يورسٽي ڪراچي جي شاگرد سيد اعجاز رضا نقوي جي شارٽ فلم ”سرپلز آف سلور لائٽنگ“ پهرين ??وز??شن، اقراءَ يو??يورسٽي ڪراچي جي شاگرد احسن خان جي شارٽ فلم ”بروشسڪي“ ٻي ??وز??شن، بيڪ?? هائوس نيشنل يو??يورسٽي لاهور جي شاگرد عذير احمد جي شارٽ فلم ”بهاولپور“ ٽئين ??وز??شن، سردار بهادر خان وومين يو??يورسٽي جي پلوشه خان جي شارٽ فلم ”حسن مستور“ چوٿين ??وز??شن، ڪينرڊ ڪاليج فار وومين يو??يورسٽي لاهور جي شاگردياڻي سحر اعجاز جي شارٽ فلم ”ان ڪهي“ پنجين ??وز??شن، قصور سان تعلق رکندڙ پنجاب يو??يورسٽي جي شاگرد اويس منير جي شارٽ فلم ”واه گرو“ ڇهين ??وز??شن ۽ اقراءَ يو??يورسٽي پشاور جي شاگرد آدم خان جي شارٽ فلم ”گورکتري“ ستين ??وز??شن حاصل ڪئي. اسپيشل فلم ڪيٽيگري ايوارڊز ۾ اقراءَ يو??يورسٽي ڪراچي جي گريجوئيٽ محمد بلال عمران جي شارٽ فلم ”رهائي“ پهرين، هنزه سان تعلق رکندڙ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي شاگرد نديم الڪريمي جي شارٽ فلم ”سيڪريٽ لائيف“ ٻي، رحيم يار خان سان تعلق رکندڙ سپيريئر ڪاليج لاهور جي شاگرد محمد بلال طارق جي شارٽ فلم ”ياد گهريو“ ٽئين، بلوچستان يو??يورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز جي شاگرد محمد بلال جي شارٽ فلم ”دي بيوٽي آف بلوچستان“ چوٿين، لاهور ڪاليج فار وومين يو??يورسٽي جي ربيعه شهزاد جي شارٽ فلم ”ڪلري هيريٽيج آف لاهور“ پنجين، قراقرم انٽرنيشنل يو??يورسٽي گلگت جي شاگرد محمد وسيم جي شارٽ فلم ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“ ڇهين ۽ فاطمه جناح وومين يو??يورسٽي راولپنڊي جي شاگردياڻي ايمن سليم جي شارٽ فلم ”سڪندر رڪشي والا“ ستين ??وز??شن حاصل ڪئي. موبائيل فلم ڪيٽيگري ايوارڊ ۾ ايم اي او ڪاليج لاهور جي شاگرد محمد شايان ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان جي شارٽ فلم جو نالو ”نارٿ ٽرن“ آهي. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ حصو وٺندڙ سڀ کان گهٽ عمر جي شاگرد معيز احمد کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو. ان جي فلم جو نالو ”ديک لاهور“ آهي. تقريب ۾ نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ دبئي پورٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، حسن مختار ۽ فخر عالم کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي.