اسلام ??با?? – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقن ۾ ??رس??ت ۽ برفباري جي ڏس ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافي جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. ان حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي موجب بلوچستان جي اتر اوله?? علائقن ۾ اولهندي سرد هوائن جو نظام داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪري 28 کان 29 ڊسمبر ملڪ جي مٿئين ۽ وچولي علائقي ۾ سرديءَ جي موسم ۾ شدت ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو. اين ڊي ايم اي پاران جاري تفصيل موجب ان موسمي نظام جي اثر هيٺ 27 کان 29 ڊسمبر دوران بلوچستان جا اڪثر علائقا خاص طور تي ڪوئيٽا، زوب، بارکان، زيارت، نوڪنڊي، دالبندين، هراني، قلعه سيف الله، قلعه عبدالله، چمن، پشين، گوادر، جيواني، تربت، پنجگور، قلات، خضدار، سبي، نصير??با?? ۽ لسٻيلا ۾ ??رس??ت سان گڏ پهاڙن تي برفباري متوقع آهي. وڌيڪ اهو ته 28 ۽ 29 ڊسمبر جي رات جو ڪشمير، گلگت ۾ پڻ هلڪي کان وچولي ??رس??ت ۽ جبلن تي برفباري جو امڪان آهي. بلتستان، چترال، دير، سوات، مالاڪنڊ، ڪوهستان، مانسهره، ايبٽ ??با??، هري پور، مردان، پشاور، چارسده، باجوڙ، ڪرم، وزيرستان، ڪوهاٽ، سرگوڌا، اسلام ??با??، مري، گليات ۽ پوٺوهار ريجن ۾ هلڪي ??رس??ت جو امڪان آهي. انهي دوران سکر، لاڙڪاڻي، جيڪب ??با??، ڊيره غازي خان، راجن پور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، شيخوپوره، فيصل ??با??، ملتان، بهاولپور، رحيم يار خان ۽ بکر ۾ ??رس??تن جو امڪان آهي.