اسلام آباد– 25 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پنجاب جي نگران وڏي وزير سيد محسن ??ضا نقوي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سيد محسن ??ضا نقوي کي پنجاب جي نگران وڏي وزير جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته هو پن??نجون ذميواريون آئين موجب احسن ??ريقي سان سرانجام ڏيندو ۽ اليڪشن جي عمل کي غيرجانبداراڻو ۽ شفاف بڻائڻ ۾ پن??نجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندو.