اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪست??ن جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي ??تح??د جو ضامن آهي، ملڪي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي ح??مراني ۾ ئي آهي، آئين سمورين صوبائي اڪائين کي گڏ کڻي هلي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداءِ جمهوريت جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪست??ن جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، 1973ع جو آئين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهي، ملڪ جو آبادگار ۽ مزدور طبقو اڄ به شهيد ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، هو ملڪ جي غريب طبقي جو آواز بڻيو. هن چيو ته هر آمراڻي دور ۾ پاڪست??ن جي آئين جي لاءِ ڏکيو امتحان رهيو، اڄ اس??ن جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون اهو به هڪ امتحان آهي، ملڪ جي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي ح??مراني ۾ ئي آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ??ن جا حق ملندا. پرڏيهي وزير چيو ته تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين جي خلاف فيصلا ٿيا ملڪ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ کي تازين مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي ڪرد??ر ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پاڪست??ن جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي ??تح??د جو ضامن آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ??ن جا حق ملندا، تاريخ گواهه آهي ته جڏهن به آئين ٽو??يو ويو ملڪ کي نقصان کڻڻو پيو.