سکر – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آ??ي ته سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ تمام وڏي نيڪيءَ آهي. اهڙن خي??لن جو اظهار هن سکر ۾ وفاقي مح??سب انشورنس ريجنل آفيس سکر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هن اداري ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ ماڻهو انصاف جي فراهمي کي تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. تازن س??لن ۾ پاڪستان ۾ به وفاقي محتسبن جي مدد سان سائلين جي مسئلن جي حل ۾ تيزي آئي آهي. بئنڪنگ صار??ين جا مسئلا هجن يا ملڪي مسئلا، انهن جي فوري حل ۽ وقت سر فيصلن سان ئي ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ٿيندو. صدر چيو ته جيڪڏهن اسان ايگريڪلچر انسورنس تي ڌيان ڏيون ها ته تازي ٻوڏ سان آبادگارن ۽ زميندارن کي ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪري سگهياسين پئي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن سيڪٽرز ۾ انشورنس جي رجحان کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته سکر ۾ وفاقي مح??سب جا ڪيترائي ادارا موجود آهن پر عوامي سطح تي ماڻهن کي انهن جي ڄاڻ نه آهي. هن اداري ۾ موجود آفيسرن کي پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ميڊيا ۾ آڻڻ گهرجي ڇو ته هي دور سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪشن جو دور آهي. ان کان اڳ صدر اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. سکر ايئرپورٽ تان آءِ بي اي يونيورسٽي آيو جتي هن وفاقي انشورنس مح??سب ريجنل آفيسر سکر جو افتت??ح ڪيو. وفاقي انشورنس مح??سب ڊاڪٽر محمد خاور جميل صدر جو استقبال ڪيو.