اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪارنيٽ ڊي پيسج اسڪيم تحت آندي ويندڙ ۽ غيرقانوني استعمال هيٺ لگزري گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪ??دي چيو آهي ته اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۽ غفلت ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪارنيٽ ڊي پيسيجز اسڪيم تحت آندي ويندڙ گاڏين جي مقرر مدي کان وڌيڪ ۽ غيرقانوني استعمال جو سخت نوٽيس وٺندي اسلام آباد ۾ هڪ خصوصي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ ملڪ ۾ لگزري گاڏين جي داخلا ۽ اخراج جي طريقيڪار تي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون طارق باجوه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ اهڙي لگزري گاڏين جي نشاندهي به ڪئي وئي جيڪي ڪارنيٽ ڊي پيسيج جي سهولت تحت پاڪستان ۾ آنديون ويون ۽ طئي ٿيل مدو پورو ٿي وڃڻ جي باوجود استعمال ٿي رهيون آهن جنهن تي وزيراعظم سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي اهڙيون ??مو??يون گاڏيون فوري ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪ??ا. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل کاتن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي. ان ڏس ۾ وزيراعظم هڪ ڪميٽي ٺاهڻ جي پڻ هدايت ڪئي جيڪا ان ??مو??ي معاملي جي جاچ جي ذميوارن جو تعين ڪندي. وزيراعظم چيو ته اهي ??مو??ا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جي مرتڪب ٿيا ته انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم فيڊرل بورڊ آف روينيو کي ه??ايت ڪئي ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج اسڪيم تحت اهڙيون ??مو??يون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. وزيراعظم پڇيو ته لاڳاپيل ادارن اهڙين گاڏين جي خلاف اڳواٽ ڪارروائي ڇو نه ڪئي؟ وزيراعظم ان معاملي تي ڪ??يٽي قائم ڪرڻ جي ه??ايت ڪندي چيو ته ڪارنيٽ ڊي پيسيج تحت اهڙيون گاڏيون جيڪي پنهنجو مدو پورو ڪري چڪيون آهن انهن جي تفصيلي ۽ صحيح ڊيٽا جلد کان جلد گڏ ڪئي وڃي. هن چيو ته اهي ??مو??ا اهلڪار جيڪي اسڪيم جي غيرقانوني ۽ ناجائز استعمال ۾ ملوث ڏٺا ويا يا ان حوالي سان غفلت جا مرتڪب ٿيا انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.