اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون، سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم تيز ڪيو وڃي، منصوبن جي شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاري ترقياتي منصوبن خاص طور تي ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان اهم جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن جي لاءِ رهائشي يونٽس ۽ هائوسنگ اسڪيمز جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته اوورسيز پاڪس??ان?? اسان جو انتهائي قابل قدر اثاثو آهن جن جي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن چيو ته اسلام آباد جي شهرين جي لاءِ بهترين انفراسٽرڪچر ۽ ٽرانسپورٽ جي فراهمي جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيا آهيون. هن هدايت ڪ??ي ته اسلام آباد جي رهواسين کي عالمي معيار جون شهري س??ولتون ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل ادارا ڀرپور ڪوشش ڪن. وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته سمورن ترقياتي منصوبن جي تعمير تيز ڪئي وڃي جڏهن ته شفافيت ۽ معيار تي ڪو ٺاهه قابل قبول نه هوندو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪس??ان??ن جي لاءِ وفاقي گادي واري شهر ۾ جديد سهولتن سان ليس رهائشي يونٽس تعمير ڪيا پيا وڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سمنڊ پار پاڪس??ان??ن جي لاءِ هائوسنگ اسڪيمز شروع ڪيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ هڪ ئي وقت ادائيگي تي اوورسيز پاڪس??ان??ن کي 15 سيڪڙو رعايت ڏني ويندي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي بهترين لوڪيشنز تي 45 ڪمرشل پلاٽس نيلامي جي لاءِ تيار آهن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ 10 بلين رپين جي پئڪيج تي ڪم جاري آهي جنهن سان اسلام آباد جي ڳوٺاڻي علائقن ۾ ترقي جي نئين دور جي شروعات ٿيندي. جڏهن ته اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ ٽرانسپورٽ جو نظام بهتر بڻائڻ جي لاءِ مختلف روٽس تي 160 اليڪٽرڪ ??سون هلايون وينديون، انهن مان 2 روٽس جي لاءِ 30 اليڪٽرڪ ??سون جون جي وچ ڌاري اسلام آباد پهچي وينديون. ان کانسواءِ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد جي شهري ۽ ڳوٺاڻي علائقن جي لاءِ گهٽ مدي وارو سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ منصوبو جون 2023ع ۾ شروع ڪيو پيو وڃي ۽ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ جي ڊگهي مدي واري منصوبي جي حوالي سان عالمي ٽينڊر ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪ??ي ته اسلام آباد جي لاءِ جامع سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ پلان کي وفاقي ڪابينا کي منظوري جي لاءِ پيش ڪيو وڃي. اجلاس ۾ ناڻي ۽ اوڳاڙين واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، وزيراعظم جي صلاحڪار احد چيما، وزيراعظم جي خاص م??او?? طارق باجوه، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبرن حنيف عباسي، ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري، انجم عقيل، وفاقي گهرو سيڪريٽري، ناڻي واري وفاقي س??ڪريٽري، ڪيپيٽل ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي چيئرمين ۽ ٻين لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪ??ي.