اسلام آباد -24 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال 9 مئي تي پنجاب، خيبرپختونخو?? ۽ ??نڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ رياستي عمارتن ۽ فوجي ملڪيتن تي حملن جي شديد مذمت ڪندي ان ڳالهه جو وچن ڪي?? آهي ته انهن واقعن ۾ ملوث ڪردارن خلاف نرمي نه ڪئي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڪنوينشن سينٽر ۾ منعقد ”تڪريم شهيد ڪنوينشن“ کي خطاب ڪندي ڪي??. تقريب جو خاص مهمان وزيراعظم شهباز شريف هو جنهن ۾ شهيدن جي خاندانن، وزيرن، اڳوڻن فوجين، سفارتڪارن، سول سوسائٽي جي ڪارڪنن ۽ شاگردن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. تقريب جو مقصد شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ ۽ 9 مئي جي حملن جي مذمت ڪرڻ هو جنهن ۾ وڏو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير شهيدن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪي?? ۽ متاثرن جي خاندانن سان يڪجهتي جو اظهار پڻ ڪي??. ان موقعي تي جذباتي منظر ڏسڻ ۾ آيا جڏهن متاثرن جي وارثن پنهنجي شهي?? پيارن جون تصويرون ڏسي ۽ کين ياد ڪندي روئي پيا جڏهن ته وفاقي وزير ذاتي طور تي انهن جي سيٽن تي ويو ۽ س??ڳوار خاندانن سان ڏک ۾ شريڪ ٿيو ۽ همدردي جو پڻ اظهار ڪي??. وفاقي وزير واضح ڪي?? ته 9 مئي تي فوجي ملڪيتن تي حملن ۾ ملوث ماڻهن سان ڪ??هن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي. هن چيو ته اهڙي طرح جي غير قانوني ۽ غير آئيني قدمن کي بلڪل برداشت نه ڪي?? ويندو.