اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ۾ 879 سيڪڙو جو اضافو ٿيو ۽ اهو هلندڙ مالي سال جي پهر??ن 9 مهينن دوران وڌي 23956 ملين روپيا رهيو. ناڻي و??ارت جي ڊويزن طرفان جاري اقتصادي سروي موجب هلندڙ مالي سال دوران ٽيڪس ڪٽوتي کانپوءِ پاڪستان نيشنل شپنگ ڪارپوريشن جي منافعي ۾ 879 سيڪڙو جو اضافو ٿيو آهي ۽ اهو هلندڙ مالي سال جي پهر??ن 9 مهينن دوران وڌي 23956 ملين روپين تي پهچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي سال جي انهي عر??ي دوران 2446 ملين روپيا هو. اقتصادي سروي موجب پورٽ قاسم امپورٽ تي ڪارگو ۾ 27 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ اها گذريل مالي سال جي 35.78 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 26.15 ملين ٽن رهي. هلندڙ مالي سال جي پهر??ن 9 مهينن جولاءِ کان مارچ دوران روانگي و??پار جي ڪارگو ۾ 15 سيڪڙو جي گهٽتائي ٿي ۽ اها مالي سال 2022ع جي انهي عر??ي دوران 6.37 ملين ٽن جي ڀيٽ ۾ گهٽجي 5.39 ملين ٽن تي اچي و??ي، ڪراچي پورٽ تي ڪارگو ۽ ڪنٽينرز جي سرگرمين ۾ به 20 سيڪڙو جي گهٽتائي ڏٺي و??ي ۽ اها جولاءِ کان مارچ مالي سال 2023ع دوران 31791 ملين ٽن رڪارڊ ٿي جيڪا گذريل مالي سال جي ان عر??ي دوران 37.71 ملين رڪارڊ ٿي.