اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ريڊيو پاڪستان جي ملازمن کي رٽائرمينٽ م??اعتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ادائيگي نه ڪرڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن جا خاندان مشڪلاتن جو شڪار آهن، ريڊيو پاڪستان جهڙي روينيو پيدا ڪندڙ اداري کي مالي وسيلن جي شديد کوٽ ڳڻتي جوڳي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري ??زارت ريڊيو پاڪستان جي 38 ملازمن کي 3 مهينن جي اندر پينشنري ??راعتون ادا ڪري، ريڊيو پاڪستان کي فنڊز جي فراهمي جو معاملو اعليٰ سطح تي اٿارڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اطلاعات واري ??زارت جو سيڪريٽري 3 مهينن ۾ ادائگي جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري ??ٺي ۽ وفاقي محتسب کي تعميل جي رپورٽ جمع ڪرائي. تفصيل موجب سيد پرويز حسين شاهه ۽ ٻين 37 شڪايت ڪندڙن محتسب کي شڪايت ڪئي هئي. شڪايت ڪندڙن موجب مختلف تاريخن تي سروس تان رٽائرڊ ٿيندڙ انهن اڳوڻن ملازمن جا پينشن پيمنٽ آرڊرز جاري ??يا پر ادائيگي نه ڪئي وئي. وفاقي محتسب ريڊيو پاڪستان پاران متاثر ملازمن کي مالي مسئلن جي بنياد تي ادائيگي نه ڪرڻ کي بدانتظامي قرار ڏيندي ريڊيو پاڪستان کي رٽائرڊ ملازمن کي رقم ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. وفاقي محتسب م??جب افسوس جو اڳوڻا ملازم پوڙهائپ ۾ پنهنجي حقن جي لاءِ رُلي رهيا آهن، پوڙهائپ ۾ هڪ هڪ پئسو رٽائرڊ ملازم جي بنيادي ضرورت هوندي آهي. ريڊيو پاڪستان محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي. صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ريڊيو پاڪستان جي اپيل اڪلائيندي چيو ??ه مڃيل قانون آهي ته رٽائرمينٽ م??اعتون رياست پاران انعام نه آهي، رٽائرمينٽ م??اعتون ملازم کي اطمينان جوڳي خدمتن جي ڪري ??لندڙ حق آهي. صدر چيو ته پينشنري ??ائدين جي ادائيگي نه ٿيڻ جي ڪري رٽائرڊ ملازمن ۽ گهرڀاتين جون مشڪلاتون ڳڻتي جوڳيون آهن. ريڊيو پاڪستان پاڻ پنهنجي ملازمن کي رقم جي ادائيگي جي ذميواري تسليم ڪئي آهي. صدر هدايت ڪئي ته اطلاعات وا??و سيڪريٽري 3 مهينن ۾ فنڊز جي لاءِ مجاز اٿارٽي کان منظوري ??ٺي.