اسلام آباد – 04 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف نانگا پربت ۾ ڦاٿل جبل چاڙهو آصف ڀٽي جي بازيابي جي لاءِ فوري ريسڪيو آپريشن جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف جي اپيل جو نوٽي?? وٺندي گلگت بلتستان جي چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته آصف ڀٽي جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ فوري قدم کنيا وڃن. وزيراعظم چيف سيڪريٽري کي چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سان رابطو ڪندي ان جو حوصلو ٻڌائڻ جي به هدايت ڪئي. واضح رهي ته آصف ڀٽي جو 7 هزار 500 ميٽر جي بلندي تي ڦاسڻ جي اطلاع آهي. چوٽيءَ سِر ڪندڙ جي پٽ واصف سوشل ميڊيا جي ذريعي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پنهنجي پيءُ جي م??د جي اپيل ڪئي هئي.