ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ جاپان هڪ مضبوط ۽ موثر انفراسٽرڪچر نيٽ ورڪ جوڙي علائقائي رابطن کي فروغ ڏئي سگهن ٿا جنهن سان نه رڳو ٻنهي ملڪن پر پوري خطي ۾ واپاري ڪاٿي کي وڌائي سگهجي ٿو، پاڪس??ان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانس??ان ۾ ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ انسٽيٽيوٽ ۾ ”ايشيائي ڏس ۾ پاڪس??ان ۽ جاپان“ جي موضوع تي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ جاپان ايشيا کنڊ جي مختلف ڪنڊن ۾ موجود آهن جڏهن ته خطي جي لاءِ انهن جي موقف ۽ ويزن ۾ هم آهنگي ڏٺي وڃي ٿي. هن چيو ته پاڪس??ان کي هڪ اسرندڙ ملڪ طور تي سنگين اقتصادي ۽ ماحولياتي چئلينجز درپيش آهن، پاڪس??ان وٽ سرد جنگ جي طرز جي بلاڪ سياست جي لاءِ وقت نه آهي، اسان پنهنجي 230 ملين ماڻهن کي روزگار ۽ خوشحالي جي فراهمي تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته اسان وچ ۽ ڏکڻ ايشيا جي سنگم تي پنهنجي اسٽريٽجڪ جاگرافيائي بيهڪ مان فائدو کڻندي اقتصادي رابطن کي فروغ ۽ واڌويجهه جي شرح کي وڌائي سگهون ٿا. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو پاڪ چين اقتصادي لنگهه کي بهتر رابطي جي لاءِ ان ويزن جو هڪ اهم حصو سمجهي ٿو، پاور سيڪٽر ۾ چيني سيڙپڪاري پاڪس??ان جي لاءِ ان وقت ڪارائتي ثابت ٿي جڏهن سڄي ملڪ ۾ بجلي جي بندش درپيش هئي جنهن صنعتن کي مفلوج ڪري ڇڏيو هو. هن چيو ته سي پيڪ ۽ ٻين چيني منصوبن جي نتيجي ۾ پاڪس??ان جي صنعتي، زرعي ۽ توانائي جي شعبن ۾ پيدا ٿيندڙ موقعا ڪنهن هڪ ملڪ جي لاءِ مخصوص نه آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جاپاني فرمن کي پاڪس??ان ۾ ڪاميا??ي ۽ منافعي سان ڪم ڪرڻ جو تجربو آهي، بنيادي ڍانچي جي تعمير ۾ انهن جي مهارت ڪنهن کان پٺتي نه آهي. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ جاپان جي وچ ۾ اقتصادي تعاون وسيع ۽ گهڻ رخو آهي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل خوشحالي ۽ ترقي ٿي سگهي ٿي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري، زراعت، بنيادي ڍانچي ۽ خدمتن ۾ تعاون جا تمام گهڻا ام??ان آهن. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ جاپان جي وچ ۾ هڪ ٻي هڪجهڙي حيثيت به ساڳي آهي ڇو ته ٻنهي وٽ اهم ۽ ڏورانهن سامونڊي مفاد رکندڙ سامونڊي رياستون آهن. هن چيو ته پاڪس??ان کي ڊگهي عرص?? کان عربي سمنڊ جي سيڪيورٽي ۾ هڪ ڌر طور تسليم ڪيو ويو آهي جنهن جو ثبوت اهو آهي ته پاڪس??ان گهڻ قومي ڪمبائنڊ ٽاسڪ فورس 150 جي ڪيترائي ڀيرا قيادت ڪئي آهي، پاڪس??ان جي معاشي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ بليو اڪانومي جي ترقي تمام ضروري آهي، اسان جاپان جي مدد سان ان شعبي ۾ تمام گهڻو اڳتي وڃڻ جي اميد ڪريون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ان ڳالهه کان چڱي ريت آگاهه آهي ته جيستائين ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم نه ٿيندو ان وقت تائين علائقائي رابطن ۽ واپار جي خواهش پوري نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪس??ان جو موقف سدائين واضح رهيو آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ ان وقت تائين امن قائم نه ٿو ٿي سگهي جيستائين خطي جو بنيادي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير ڳالهه ٻولهه ذريعي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي اصولن موجب حل نه ٿو ٿي وڃي. هن چيو ته پاڪس??ان سدائين ان تڪرار جي حل لاءِ ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته پاڪس??ان وٽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ ڪو حصيدار نه آهي. پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت مذهبي جنون جي لپيٽ ۾ آهي جنهن ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي امڪانن کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه حيرت انگيز ۽ مايوس ڪندڙ آهي ته ڪشمير ۾ ڀارت جي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ هڪ تمام ننڍي پاريسري جي خلاف ان جي اشتعال انگيزين تي عالمي برادري خاموش آهي. افغانس??ان بابت هن چيو ته پاڪس??ان ۽ جاپان جا افغانس??ان ۾ هڪ جهڙا مفاد آهن، افغانس??ان جي امن ۽ استحڪام ۾ ٻنهي ملڪن جا مفاد آهن، جاپان افغانس??ان جي سڀ کان مستحڪم اقتصادي حصيدارن مان هڪ رهيو آهي جنهن جي تاريخ ان وقت کان آهي جڏهن هن افغانس??ان جي نئين سر تعمير جي لاٰ 2002ع ۾ ٽوڪيو ڪانفرنس جي ميزباني ڪئي هئي. هن چيو ته تازو ئي جاپان افغان عوام کي اهم امداد فراهم ڪئي آهي ڇو ته هو سنگين انساني ۽ معاشي بحرانن جو شڪار آهي، پاڪس??ان ۽ جاپان هڪ مستحڪم، محفوظ ۽ خوشحال افغانس??ان ۾ ۾ ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته ترقياتي امداد ۾ جاپان جي مهارت ۽ افغانس??ان سان پاڪس??ان جي جاگرافيائي ويجهڙائپ انساني امداد جي فراهمي ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جا موقعا پيدا ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته علائقائي قدمن تي تعاون ڪندي پاڪس??ان ۽ جاپان سارڪ جي ترقي کي پڻ متحرڪ ڪري سگهن ٿا، گڏيل ڪوششون ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ، علائقائي استحڪام کي وڌائڻ ۽ سارڪ جي ميمبر ملڪن جي غيراستعمال ٿيل صلاحيتن کي کولڻ ۾ مدد ڪري سگهن ٿيون جنهن سان پوري خطي جي لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي ٿيندي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان ۽ جاپان علائقائي اهميت جي مسئلن خاص طور تي تڪرارن جي حل، غربت جي خاتمي، موسمياتي تبديلين ۽ عالمي صحت جي بابت پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته گذريل سال پاڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اهو ثابت ڪيو ته پاڪس??ان دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي خطرن ۾ ورتل ملڪن مان هڪ آهي، ان قدرتي آفت کانپوءِ پاڪس??ان عالمي ڌيان انهن ملڪن جي خراب حالت طرف ڇڪرايو جيڪي موسمياتي تبديلين جو شڪار آهن، اسان نومبر 2022ع ۾ شرم الشيخ ۾ منعقد ڪوپ – 27 ۾ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ قائم ڪرڻ کي ڪاميابي سان اڳتي وڌائڻ ۾ جي – 77 ملڪن جي قيادت ڪئي. هن چيو ته اسان ڪانفرنس ۾ شامل ٿيڻ ۽ پاڪس??ان ۾ ٻوڏ کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 77 ملين ڊالر جي امداد جي عزم تي جاپان جا ٿورائتا آهيون. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪس??ان جو ڳاڻيٽو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ زلزلي سٽيل ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪس??ان ۾ ڪيترين ئي فالٽ لائينز ان کي خاص طور تي زلزلن جي لاءِ حساس بڻائين ٿيون. هن چيو ته يقينن جاپان پنهنجي شروعاتي تنبيهه واري نظام ۽ آفتن جي خطري کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوششن جي لاءِ مشهور آهي، پاڪس??ان کي ان حوالي سان جاپان جي تجر??ي ۽ مهارت مان سکڻ جي ام??د آهي. هن چيو ته ٻين ايشيائي ملڪن وانگر پاڪس??ان ٽيڪنيڪل انٽرن ٽريننگ پروگرام ۽ جاپان جي مخصوص هنرمند ورڪرز پروگرام مان فائدو کڻڻ چاهي ٿو، پاڪس??ان مان جاپان کي هنرمند ليبر جي برآمد جاپان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿي، پاڪس??ان وٽ انتهائي هنرمند پيشيور ماڻهو وڏي انگ ۾ آهن. پرڏيهي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ کي پڻ ساراهيو جنهن ايشيائي ملڪن جي ترقي ۽ مالياتي ادارن کي ٺاهڻ ۾ ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته انسٽيٽيوٽ جي لاءِ جاپان جي حمايت ان امداد سان هڪ جهڙائي رکي ٿي جيڪا جاپان ايشيائي ملڪن بشمول پاڪس??ان کي ان جي ترقي جي سفر کي اڳتي وڌائڻ ۾ فراهم ڪئي آهي.