اسلام آ??اد – 07 –جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته سڄي ملڪ جي پريس ڪلبن کي جديد گهرجن سان هم آه??گ ڪرڻ جي لاءِ اطلاعات واري وزارت پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندي رهندي. اها ڳالهه هن ايبٽ آ??اد پريس ڪلب جي صدر راجا هارون ۽ جنرل سيڪريٽري راجا منير جي قيادت ۾ صحافين جي وفد سان ملاقات دوران ڳ??لهائيندي ڪئي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن وارو وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي به موجود هو. وفد اطلاعات واري وفاقي وزير کي درپيش مشڪلاتن بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت صحافت جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي. هن چيو ته ايبٽ آ??اد پريس ڪلب جو ڳاڻيٽو ملڪ جي اهم ۽ ذميوار پريس ڪلبن ۾ ٿئي ٿو. اطلاعات واري وفاقي وز??ر ايبٽ آ??اد پريس ڪلب ۾ فوري طور تي ڪمپيوٽر ليب ۽ اسٽوڊيو قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ايبٽ آ??اد پريس ڪلب جي اعلان ڪيل گرانٽ پڻ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن کي حل ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح آهي. ان موقعي تي پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي ايبٽ آ??اد پريس ڪلب جي لاءِ ڪمپيوٽر ليب، اسٽوڊيو قائم ڪرڻ ۽ گرانٽ جي فراهمي جي اعلان تي اطلاعات واري وفاقي وزير جا ٿورا مڃيندي چيو ته ايبٽ آ??اد جي صحافي برادري محدود وسيلن جي باوجود پنهنجي پيشيواراڻيون خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. صحافين جي وفد اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي جا ٿورا مڃيا.