سيالڪوٽ -16 جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي، ته ميرٽ جي پاليسي ئي پاڪستان کي عظيم ملڪ بڻائيندي، هلندڙ مالي سال دوران هڪ لک شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهايا ويندا، عوام جي فلاح و بهبود اسا?? جي اولين ترجيح آهي، ڪا به قوم عورتن کان سواءِ اڳتي نٿي وڌي سگهي، عوام ٻيهر موقعو ڏنو ته شاگردن کي ليپ ٽاپ ڏينداسين، آ3 ايم ايف سان معاهدي سبب رپئي جي قدر ۾ استحڪام آيو آهي، پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرضن کان نجات ملندي. گورنيمنٽ ڪاليج ويمن يونيورسٽي سيالڪوٽ ۾ ليپ ٽاپ اسڪيم تقريب کي خطاب ڪندي و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو ته پاڪستا?? جي هونهار نياڻين سان ملي خوشي ٿي آهي، خواجه آصف سان منهنجي رقابت گورنمينٽ ڪاليج جي شاگردي واري دور کان آهي، و??ير??عظم يوٿ پروگرام تحت شاگردن کي ليپ ٽاپ جي فراهمي انه?? جي قابليتن جو اعتراف آهي، هي ڪو احسان ناهي ميرٽ تي اوهان کي هي ليپ ٽاپ ڏنا ويا آهن، انهن ۾ ڪا به علائقائي يا سفارش کي نظر ۾ نه رکيو ويو آهي، هن پاليسي تي عمل پيرا ٿي پاڪستان کي عظيم قوم بڻايو ويندو، دنيا انهي پاليسي تحت عروج حاصل ڪيو. هن چيو ته ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 2011ع ۾ شروع ڪيو ۽ ميرٽ تي ??نج??ب کان علاوه ٻين صوب?? جي شاگردن کي پڻ ليپ ٽاپ ڏنا ويا. ??نج??ب جي وڏي وزير طور ٻين صوبن لاءِ به سوچيو ڇاڪاڻ ته اهڙي طرح پاڪستان ترقي ڪري سگهيو ٿي، هن چيو ته هڪ لک ليپ ٽاپ جي ورهاست جو منصوبو 23-2022ع جو اهي، هلندڙ مالي سال هڪ لک وڌيڪ ليپ ٽاپ ڏيڻ جو منصوبو آهي، اسان خوراڪ، دوائن ۽ پيٽروليم گهرائڻ جي اجازت ڏني، هي اسان جون ترجيحات هيون، ان کان علاوه ايترا چئلينج هئا جو انڊسٽري سميت ٻيو ضروري شيون گهرائڻ ۾ مشڪلاتون هيون جڏهن ته اها خبر هئي ته شاگردن کي گهربل سهولتون فراهم ڪر??يو?? آهن، انهي لاءِ 45 ملين ڊالر مهيا ڪري اهي ليپ ٽاپ گهرايا ويا، اسان پنهنجي شاگردن کي تعليم جي زيور سان آراسته ڪرڻ چاهيون ٿا ته کين وظيفن سميت سموريون سهولتون فراهم ڪر??يو?? پونديون. اسان پاڪستان ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ قائم ڪيو آهي، عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ هن سال جي بجيٽ ۾ 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، ڪا به قوم عورت?? جي ڀرپور حصي کان سواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، انهي لاءِ عورتن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪر??يو?? پونديون، دنيا ۾ عورتون مردن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ترقي ۽ خوشحالي جي سفر ۾ شامل آهن. هن چيو ته اسا?? جي حڪومت ايندڙ مهيني پنهنجو مدو پورو ڪندي، آئينده جيڪا به حڪومت ايندي اها تعليم جي رستي ۾ ڪا به رڪاوٽ نه اچڻ ڏئي، جيڪڏهن نواز شريف جي قيادت ۾ اسان کي موقعو مليو ته قوم سان اهو واعدو آهي ته تعليم جي ميدان ۾ 2011ع ۾ جيڪو انقلاب شروع ڪيو هو ان کي پڄاڻي تي پهچائينداسين ۽ هر شاگرد کي ليپ ٽاپ ڏينداسين. مسلمان معياري تعليمي ادارا نه هئڻ سبب تعليمي ميدان ۾ پٺتي رهجي ويا. مسلمان پنهنجي علم عيوض ماضي ۾ دنيا تي حاوي هئا، تعليم ۾ ترقي جو راز لڪيل آهي. و??ير??عظم چيو ته آءِ ايم ايف سان اسان معاهدو ڪيو جنه?? جي نتيجي ۾ رپيو مستحڪم ٿيو جنهن سبب پيٽروليم شي?? جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري عوام کي رليف ڏنو، معيشت مضبوط ٿيندي ته قرض نه وٺڻا پوندا، زراعت، آءِ ٽي، ٽيڪسٽائيل سميت هر شعبي ۾ ترقي لاءِ بنيادي شرط محنت آهي، و??ير??عظم ان موقعي تي شاگردن ۾ ليپ ٽاپ پڻ ورهايا.